شھريت لاءِ خدمتون

امريڪي قونصل خاني جي ويب سائيٽ تي امريڪي شھرين لاءِ خدمتن جي شعبي ۾ اوھان کي ڀليڪار چئون ٿا. هي قونصل خاني جو اھو يونٽ آھي جنھن ۾ اسان پرڏيھ ۾ رھندڙ امريڪي شھرين کي معلومات ڏيندا آھيون ۽ سندن ضرورت مطابق مدد ڪندا آھيون. اسين امريڪي شھرين سان جيل ۾ ملاقاتون ڪندا آھيون، فوتگيءَ جي صورت ۾ ان جي خاندان ۽ سندن دوستن جي گھربل مدد ڪندا آھيون، جيڪي ٻار والدين اغوا يا جبري طور ڪنھن جي قيد ۾ هجن انھن جي ڪيسن ۾ مدد ڪندا آھيو، امريڪي شھرين جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندا آھيون، نوٽري جون خدمتون ڏيندا آھيون، امريڪي چونڊن ۾ ووٽ جي داخلا ۾ مدد ڪندا آھيون ۽ ان سان گڏ کين پاڪستان ۾ سلامتي ۽ تحفظ بابت معلومات پڻ ڏيندا آھيون.

نوٽس: پاڪستان جي حڪومت ملڪ کان ٻاھر سفر ڪرڻ تي پوليو ويڪسين لڳرائڻ لازمي ڪري ڇڏي آھي. نين گھرجن بابت معلومات هن لنڪ تان حاصل ڪيو

نوٽس: ايم ئي آر ايس وائرس ۽ عرب ملڪن ۾ سفر. عرب ملڪن ڏانھن سفر ڪندڙ سمورن امريڪي شھرن کي امريڪي سفارتخانو هيٺئين معلومات ڏيڻ چاھي ٿو. صحت جي عالمي اداري طرفان عرب ملڪن ڏانھن سفر ڪندڙن لاءِ هيءَ معلومات جاري ڪئي آھي.
http://www.who.int/ith/updates/20130725/en/

صحت جي عالمي اداري طرفان ڪورونا وائرس جي باري ۾ اضافي معلومات جاري ڪئي وئي آھي جيڪا ھن لنڪ تي موجود آھي.
http://www.who.int/csr/disease/coronavirus_infections/en/

بيمارين جي روڪٿام لاءِ قائم امريڪي اداري ڊزيز ڪنٽرول ۽ پريوينشن مرڪز طرفان عرب ملڪن ڏانھن سفر ڪرڻ لاء عام شھرين لاءِ ۽ خاص ڪري صحت جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ ورڪرن لاءِ خصوصي صلاحون جاري ڪيون آھن جيڪي هن لنڪ تي موجود آھن.
http://wwwnc.cdc.gov/travel/notices/alert/coronavirus-arabian-peninsula-uk

ايم ئي آر ايس بابت اضافي معلومات هن لنڪ تي موجود آھي.
http://www.cdc.gov/CORONAVIRUS/MERS/INDEX.HTML

امريڪي شھريت ڇڏڻ جو طريقه ڪار

امريڪا جي شهريت تان دستبردار ٿيڻ وارو عمل طويل، ڏکيو ۽ حتمي/واپس نه ٿيڻ جوڳو هجي ٿو. ان دوران سفارتخاني يا پرڏيهه ۾ موجود قائونصليٽ ۾ ٻه انٽرويوز گهربل هجن ٿا. اوهان کي مختلف قسم جا فارم ڀرڻا پوندا، ۽ ان سموري عمل جي في 2350 ڊالرز آهي. اهي ماڻهو، جيڪي امريڪي شهريت تان دستبردار ٿيڻ چاهين ٿا، اسان انهن کي صلاح ڏينداسين ته جيترو جلد ممڪن هجي هو ان عمل جي شروعات ڪن.

ملڪ کان ٻاھر ان عمل جو طريقه ڪار

جيڪڏهن اوهان امريڪي شهريت تان دسبردار ٿيڻ جي رٿابندي ڪري رهيا آهيو ته اوهان شروعاتي مشاورت/گڏجاڻيءَ لاءِ سفارتخاني ۾ تاريخ وٺو. ان سلسلي جي پهرين گڏجاڻيءَ ۾ سفارتي آفيسر اوهان کي شهريت جي حقن ۽ رعايتن وڃائڻ جي نتيجن بابت تفصيل سان آگاهي ڏيندو. جيڪڏهن اوهان ان عمل ۾ وڃڻ چاهيو ٿا ته اوهان انهن ڪاغذن جو جائزو وٺندا، جيڪي امريڪي شهريت تان دستبرداريءَ لاءِ گهربل هجن ٿا.

انهيءَ انٽرويو لاءِ مهرباني ڪري پنهنجو امريڪي شهريت وارو سرٽيفڪيٽ يا امريڪي ڄم سرٽيفڪيٽ ۽ امريڪي پاسپورٽ کڻي اچو. جيڪڏهن اوهان اهي گهربل ڪاغذ نه آندا ته هيءُ سمورو عمل دير جو شڪار ٿي سگهي ٿو.

انٽرويو جي آخر ۾ سفارتي آفيسر اوهان کي ڪاغذن جو هڪ پيڪيٽ ڏيندو، جن ڪاغذن جو اوهان کي جائزو وٺڻ گهرجي. ان کان پوءِ اسان ٻئي انٽرويو لاءِ اوهان کي هڪ نئين تاريخ ڏينداسين. ان ٻئي انٽرويو ۾ ماڻهن کي اها اجازت هوندي ته هو امريڪي شهريت جي خاتمي بابت هن سنجيده عمل تي وضاحت پيش ڪن. هيءُ مرحلو قانون موجب آهي، جنهن کي نه اورانگهي سگهجي ٿو، نه ان جي رفتار وڌائي سگهجي ٿي، نه وري ان کي خارج ڪري سگهجي ٿو.

ٻئي انٽرويو دوران سفارتي آفيسر اوهان کان 2350 ڊالرز في وصول ڪندو، اوهان جي ڪاغذن جو جائزو وٺندو ۽ دستبرداريءَ جو حلف وٺندو. ان کان پوءِ اهي ڪاغذ حتمي فيصلي لاءِ واشنگٽن موڪليا ويندا.

شھريت منسوخ ڪرڻ لاءِ قانوني بنياد

اميگريشن اينڊ نيشنل ايڪٽ ۾ واضح طور تي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ کي اهي اختيار ڏنل آهن ته اهو ادارو شهريت ڇڏڻ جي حوالي سان دعوائن جو فيصلو ڪري. اوهان جي شهريت جو خاتمو تيستائين مڪمل نه سمجهيو ويندو، جيستائين اوهان ڊپارٽمينٽ وٽان ”شهريت جي خاتمي“ واري سرٽيفڪيٽ (سرٽيفڪيٽ آف لاس آف نيشنلٽي) جي شڪل ۾ ان جي منظوري حاصل نٿا ڪري وٺو. شهريت تان پاڻمرادو دستبردار نٿو ٿي سگهجي. اوهان شهري نه هجڻ جي دعويٰ ڪريو، ان کان پهرين ”شهريت جي خاتمي واري سرٽيفڪيٽ“ جي منظوري لازمي هجي ٿي. رڳو پنهنجو پاسپورٽ سفارتخاني ۾ ڇڏي وڃڻ شهريت جي خاتمي جو عمل قرار نٿو ڏئي سگهجي. نه وري ان کي شهريت جي خاتمي جي ڪا شڪل ڪوٺي سگهجي ٿو.

ٽئڪس، فوجي فرض ۽ ڪيسن جي شنوائي اڻٽر آهي

اهو ماڻهو جيڪو پنهنجي شهريت جي خاتمي جي خواهش رکي ٿو، انهيءَ کي اها حقيقت سمجهڻ گهرجي ته ڪنهن شخص جي شهريت جي خاتمي سان هو آمريڪي ٽئڪس ۽ فوجي فرضن کان ڪنهن به صورت ۾ آجو نٿو ٿئي. (وڌيڪ معلومات لاءِ انٽرنل روينيو سروس يا آمريڪا جي سليڪٽو سروس سان رابطو ڪريو.) وڌيڪ اهو ته شهريت جي خاتمي وارو عمل ڪنهن به شخص کي اها اجازت نٿو ڏئي ته هو اهڙين ڪورٽ شنوائين کان بچي سگهي، جيڪي امريڪا ۾ ڪو ڏوهه سرزد ٿيڻ جي صورت ۾ مٿس هلي رهيون آهن. نه وري هو انهن پئسن جي واپسيءَ کان بچي سگهي ٿو، جيڪي هن امريڪا ۾ حاصل ڪيا يا امريڪي شهري جي حيثيت ۾ ڪنهن ٻئي ملڪ مان حاصل ڪيا.

ننڍن ٻارن جي شهريت جو خاتمو

ڪي به والدين پنهنجي ٻارن پاران شهريت جي خاتمي جي دعوا داخل نٿا ڪري سگهن. شهريت جي خاتمي وارو حلف عمل ۾ اچڻ کان پهرين لازمي هجي ٿو ته 18 سالن کان گهٽ عمر وارو ماڻهو امريڪا جي سفارتي آفيسر کي مطمئن ڪري ته هو شهريت جي خاتمي وارن نتيجن کي چڱيءَ ريت سمجهي ٿو، ۽ هو آمريڪي شهريت جي خاتمي لاءِ ڪنهن به دٻاءَ ۽ ڪنهن به غير ضروري اثر کان آجو آهي، ۽ هو رضاڪارانه طور تي شهريت جو خاتمو چاهي ٿو.

ختم ڪيل شھريت ناقابل واپسي آهي

هر اهو ماڻهو جيڪو شهريت جي خاتمي تي غور ڪري رهيو آهي، ان کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته هيءُ عمل ناقابل واپسي آهي، سواءِ ڪنهن انتظامي يا عدالتي فيصلي جي صورت ۾، جنهن جو ذڪر  INA (8 U.S.C. 1483) جي سيڪشن 351 واري شق ۾ ڪيو ويو آهي.

وڌيڪ معلومات لاءِ

شهريت جي خاتمي وارو عمل انتهائي واضح آهي، جنهن ۾ ماڻهو امريڪي شهريت جي خاتمي لاءِ پنهنجو ارادو ظاهر ڪري سگهي ٿو. هن سنجيده ۽ ناقابل واپسي عمل ۾ اچڻ کان پهرين مهرباني ڪري شهريت جي خاتمي جي حوالي سان مٿي بيان ڪيل اثرن ۽ نتيجن تي غور ڪريو.

هن عمل جي وڌيڪ معلومات لاءِ اوهان اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ويب پيج تي امريڪي شهريت جي خاتمي بابت ڏنل صلاحون ڏسي سگهو ٿا.
http://travel.state.gov/content/travel/english/legal-considerations.html