ٻارن جي شھريت ايڪٽ

گرانڊ پيرينٽس ذريعي شھري بڻجڻ جو طريقه ڪار

سال 2000 ۾ ٻارن جي تڪڙي شھريت جو ايڪٽ (چائلڊ سٽيزنشپ ايڪٽ 2000) پاس ٿيو جنھن ھيٺ جن ٻارن جي عمر 18 سالن کان گھٽ آھي ۽ ان جا ڏاڏا، ڏاڏي، نانا ۽ ناني امريڪن شھري آھن، ۽ امريڪا ۾ گھربل رھائش تي پورا لھن ٿا ته هنن جي امريڪن شھريت جو مرحلو اميگريشن ۽ نيشنلٽي ايڪٽ تحت سگھو ڪرائي سگھجي ٿو. توڻي جو ھو جيئن امريڪا ۾ پيدائش وقت ٻار شھري بڻجن ٿا پر هن ايڪٽ هيٺ هنن جي دروخواست قبول ڪر سگھجي ٿي، اھڙن ڪيسن ۾ ٻارن کي پھرين امريڪي رھائش واري مرحلي مان گذرڻو نه پوندو. پر ان لاءِ ضروري آھي ته ٻار کي امريڪا اچڻو پوندو، ان مرحلي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سڀ معلومات ۽ دستاويز اڳ ئي جمع ڪرائڻا پوندا. ان لاءِ ھيٺئين آفيس کي درخواست ڏئي سگھو ٿا:

چيف
نيچرلائيزيشن برانچ
يوايس سي آءِ ايس هيڊ قوارٽر
425 آءِ اسٽريٽ
روم 3214 ايڇ قيو اي ڊي اين
واشنگٽن، ڊي سي، 20536، يو ايس اي
اھا درخواست يونائٽڊ اسٽيٽس سٽيزنشپ اينڊ اميگريشن سروسز ذريعي موڪلڻ گھرجي. ان ۾ ڇھن مھينن کان هڪ سال يا ان کان به وڌيڪ وقت لڳي سگھي ٿو.

پاڻ مرادو شھريت جو حصول

ٻارن جي شھريت جي 2000 سال واري قانون ھيٺ امريڪي شھرين جا ٻار يار گود ورتل ٻار جيڪي ھيٺيون شرطون پوريون ڪن ٿا هو پاڻ مرادو شھري بڻجڻ جي اھل آھن:

والدين مان ڪو ھڪ امريڪي شھري هجي ته، ۽
ٻار جي عمر 18 سالن کان گھٽ هجي، ۽
ٻار وٽ گرين ڪارڊ آھي ۽ ھو امريڪا ۾ رھائش پذير آھي، ۽
ٻار کي گود ورتو ويو ھو ۽ اھو قانوني مرحلو پورو ٿي چڪو آھي، ۽ جي گود وٺڻ جو مرحلو امريڪا ۾ مڪمل ٿيو آھي ته ان صورت ۾ ٻار شھريت حاصل ڪرڻ جي اھل آھي.

18 سالن کان ننڍي عمر جا ٻار جيڪي مٿيون چئني گھرجن تي پورا لھن ٿا تن کي 27 فئبروري 2001 کان پاڻ مرادو امريڪي شھريت ملي ٿي. جيڪي ٻار مٿين شرطن تي پورا نه ٿا لھن سي مٿيان شرط پورا ٿيڻ جو انتظار ڪن. ان حوالي سان وڌيڪ معلومات اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ جي ويب سائيٽ تي موجود آھي.