غيرملڪي ماڻھن جي مستقل رھائش لاءِ جاري ٿيندڙ ڪارڊ جنھن کي عام طور تي گرين ڪارڊ سڏيو وڃي ٿو، سو ڪارڊ فارم نمبر آءِ_551 ھيٺ ڀريو ويندو آھي، سو ڪارڊ چوري يار گم ٿيڻ جي صورت ۾ ٻيھر جاري ٿي سگھي ٿو. سو ڪارڊ امريڪا ۾ واقع سٽيزن ۽ اميگريشن سروس طرفان جاري ٿيندو آھي. پر چوري يا گم ٿيڻ جي صورت ۾ امريڪن قونصل خانو ڪراچي اوھان کي محدود مدت لاءِ سفري دستاويزي (فوائل) جاري ڪري سگھي ٿو جنھن جي بدولت اوھان امريڪا سفر ڪري سگھو ٿا. اوھان جيڪڏھن سنڌ ۽ بلوچستان صوبن ۾ رھو ٿا ته اوھان سفري دستاويز لاءِ امريڪن قونصل خاني ۾ درخواست ڏئي سگھو ٿا. ان لاءِ اوھان کي ذاتي طور قونصل خاني ۾ اچڻو پوندو، قونصلر آفيسر اوھان جو انٽرويو ڪندو. سفري دستاويز جاري ڪرڻ ۾ ڪجھ ھفتا يار وري مھينا پڻ لڳي سگھن ٿا پر جيڪڏھن اوھان پنھجو گرين ڪارڊ امريڪا ۾ وساري ايا آھيو ته پوءِ بھتر ٿيندو ته ڪنھن جي هٿان گھرائي وٺو يار ور ڪنھن بااعتماد ڪوريئر سروس ذريعي گھرائي وٺو. پر ھي ڳالھ ذھن ۾ رکو ته جيڪڏھن اوھان امريڪا کان هڪ سال جي مدي تائين ٻاھر رھيا آھيو ته ان صورت ۾ اوھان سفري دستاويز لاءِ اھل نه آھيو. ان صورت ۾ اوھان شھريت واپس حاصل ڪرڻ کي درخواست ڏيڻي پوندي. مسقتل رھائش برقرار رکڻ بابت اوھان وڌيڪ معلومات يوايس سي اءِ ايس جي ويب سائيٽ سان حاصل ڪري سگھو ٿا.
سفري دستاويز لاءِ درخواست ڏيڻ لاءِ اڳواٽ ملاقات جو وقت وٺڻ ضروري آھي ان لاءِ امريڪن سٽيزن سروس شعبي کان ملاقات جو وقت وٺو. ملاقات جو وقت وٺڻ لاءِ هن لنڪ تي وڃو
اھو صفحو کولڻ بابت ”نوٽري ۽ ٻين خدمتن لاءِ گذارش“ جي چونڊ ڪيو.
ملاقات واري ڏينھن ھيٺيان دستاويز تيار ڪيو:
اوھان جي سڃاڻپ جي شاھدي (پاسپورٽ، تصوير سان گڏ سڃاڻپ ڪارڊ) هڪ کان وڌيڪ ڪارڊ کڻي اچڻ مددگار ثابت ٿيندو آھي.
امريڪي شھري جي حيثيت ۾ قانوني شاھدي مثلن جنھن پاسپورٽ تي اوھان امريڪا ۾ اميگريشن ويزا تحت داخل ٿيا)
آخري ڀيرو امريڪا مان نڪرڻ وقت جي شاھدي مثلن بورڊنگ پاس يا ٽڪٽ جن مان ثابت ٿئي ته اوھان امريڪا مان سفر ڪري آيا آھيو.
گرين ڪارڊ جي ٻيھر جاري ڪرائڻ لاءِ ڀريل فارم جنھن جو نمبر آھي آءِ 90 فارم. اھو فارم ڀرڻ لاءِ ھدايتون پڻ آن لائين موجود آھن.
آءِ 9 فارم
آءِ 9 فارم ڀرڻ لاءِ ھدايتون
https://www.uscis.gov/sites/default/files/files/form/i-90instr.pdf (PDF 472 KB)
گرين ڪارڊ گم ٿيڻ جي پوليس رپورٽ جي ڪاپي
اھم :سفري دستاويز لاءِ درخواستون فقط آفيس ٽائيم تي وصول ڪيون وينديون آھن، موڪلن جي ڏينھن ۾ يا آفيس جي وقت بعد اھڙيون درخواستون نه ورتيون وينديون آھن. انٽرويو ڏيڻ بعد مھرباني ڪري جلد بازي ڪري جھاز جي ٽڪيٽ خريد نه ڪيو ڇو ته سفري دستاويز جاري ڪرڻ ۾ ڪافي وقت لڳي سگھي ٿو، ھر ڪيس منفرد هوندو آھي، ان جا گھربل ڏنل ڪاغذ ۽ ڪيس مختلف هجي ٿو، تنھن ڪري جيسين اوھان کي سفري دستاويز جاري نه ٿئي تيسين جھاز جي ٽڪيٽ خريد نه ڪيو.