امريڪا جا مستقل رھائشي جن وٽ گرين ڪارڊ آھي پر جي اھي هڪ سال تائين امريڪا کان ٻاھر رھن ٿا ته پوءِ کين نئين امريڪي اميگريشن ويزا حاصل ڪرڻ پوندي ته جيئن ھو مستقل رھائش ھيٺ ٻيھر رھي سگھن. امريڪا ۾ ٻيھر داخل ٿين لاءِ ”ري انٽري پرمٽ“ لاءِ اپلاءِ ڪرڻو پوندو آھي جيڪو فقط امريڪا ۾ رھي ڪري ممڪن بڻائي سگھجي ٿو. تنھن ڪري مھرباني ڪري قونصل خاني ۾ اھڙيون درخواستون جمع نه ڪرايو. ڪو فرد جيڪڏھن اجازت مليل وقت کان وڌيڪ مدو امريڪا کان ٻاھر رھيو آھي ان لاءِ ان ڳالھ جو امڪان موجود آھي ته هو ساڳيو مقام (اسٽيٽس) حاصل ڪرڻ لاءِ اپلاءِ ڪري. پر ان فرد کي پنھجا امريڪا سان مستقل ناتا ۽ رابطا ثابت ڪرڻا پوندا، گڏوگڏ اھو به ثابت ڪرڻو پوندو ته هو ڪن آڻٽر مجبورين جي ڪري ايترو وقت ٻاھر رھي پيو ھو۽ سندن واپس امريڪا وڃڻ جو ارادو هو. جيڪڏھن ڪو فرد اھي شيون ثابت نه ٿو ڪري سگھي ته ان صورت ۾ سندس خاندان جو ڪو ميمبر يا جنھن وٽ ملازمت ڪيائين پئي سو هن جي پاران امريڪا ۾ سٽيزشپ ۽ اميگريشن سروس وٽ درخواست داخل ڪري سگھي ٿو.
مستقل رھائش واپس حاصل لاءِ ٻه قدم .
پھريون: پھرين مرحلي ۾ فرد کي ان لاءِ درخواست ڏيڻ گھرجي ته آيا هو مستقل رھائش واپس حاصل ڪرڻ جي اھل آھي يا نه. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ رھندڙ اھڙا فرد قونصلر آفيسر سان انٽرويو جي لاءِ ملاقات جو وقت حاصل ڪن. ان لاءِ قونصلر آفيسر سان آن لائين فارم ڀري ملاقات جو وقت حاصل ڪيو.
ملاقات واري ڏينھن مھرباني ڪري ھيٺيان دستاويز تيار ڪري کڻ اچو:
ڊي ايس 117 فارم ڀريل ھجي جنھن هيٺ اوھان مسقل رھائش واپس حاصل ڪرڻ جي درخواست ڪيو ٿا.
گرين ڪارڊ پاڻ سان گڏ کڻي اچو.
ٻيھر داخل ٿيڻ واري ري انٽري پرمٽ جي اوھان موجود هجي ته.
آخري دفعو امريڪا ڇڏڻ جو دستاويزي ثبوت مثلن جھاز جي ٽڪيٽ بورڊنگ پاس وغيره.
امريڪا سان اوھان جا ڳانڍاپا، ٽيڪس جا ڪاغذ، سماجي تعلقات يا وري ڪو خاندان جو فرد.
اھا به ثابتي ھجي ته اوھان امريڪا ٻاھر ڪن اڻٽر مجبورين هيٺ رھيا آھيو.
رھائش واپس حاصل ڪرڻ جي في، جيڪا ناقابل واپسي آھي. تفصيل ھتي ڏسو
ٻين ملڪن جي ٻولين ۾ جي ڪي دستاويز کڻ پيا اچو ته ان جو ترجمو گھربل هوندو آھي. مترجم طرفان اھا پڪ ٿيل ھجي ته ترجمو صحيح آھي ۽ ڪاغذ پڻ. مترجم کي اھو پڻ ثابت ڪرڻو پوندوته غير ملڪي زبان ۾ ترجموڪرڻ جو هو اھل آھي. ترجمو ٿيل ڪاغذ نوٽري پبلڪ کان صحيح ٿيل هجن. قونصلر آفيسر اوھان جو انٽرويو ڪندو ۽ ڪاغذن جي جاچ پڙتال ڪندو.
ٻيون قدم: پھريون قدم پورو ٿيڻ بعد جي اھو ثابت ٿيو ته اوھان رھائش واپس حاصل ڪرڻ جي اھل آھيو ته پوءِ قونصل خانو اوھان کي اسلام آباد جي سفارتخاني سان رابطي ۾ آڻيندو. ان کان اڳتي جو مرحلو مڪمل ڪرڻ لاءِ قونصل خانو اوھان کي ھدايتون ڏيندو. ٻئي مرحلي ۾ اوھان کي اميگرنٽ ويزا فارم ڀرڻو پوندو. جنھن ھيٺ اميگريشن ويزا في، ميڊيڪل جي چڪاس، پوليس سرٽيفڪيٽ، شھري دستاويز، ٻيھر انٽرويو لاءِ سفارتخاني ۾ اچڻو پوندو. انٽرويو بعد مھرباني ڪري جھاز جي ٽڪيٽ خريد نه ڪجو ڇاڪاڻ ته ٻيھر اميگريشن ويزا منظور ٿيڻ ۾ ڪافي وقت لڳندو آھي، مھينا به لڳي سگھن ٿا.
جيڪڏھن اوھان رھائش جي واپسي جي اھل نه آھيو ته پوءِ اوھان جو ڪو مٽ مائٽ يا جنھن وٽ ملازمت ڪندا ھئا سو اوھان جي پاران يو ايس سٽينزشپ ۽ اميگريشن سروس ۾ پٽيشن داخل ڪري سگھي ٿو.
اھم نوٽ : مھرباني ڪري ان ڳالھ ته غور ڪيو ته ڇا اوھان واقعي به رھائش واپس اختيار ڪرڻ جي درخواست ڏيڻ جي اھل آھيو ۽ مٿي ڏنل معيار تي پورا لھو ٿا. ڇاڪاڻ درخواست سان گڏ فيس ناقابل واپسي آھي. اھو به ذھن ۾ رکو ته جي اوھان رھائش جي واپسي جي درخواست منظور به ٿي وڃي ته به ان سان ويزا جي ملڻ جي ڪا پڪ نه هوندي آھي.