پرڏيھ ۾ امريڪي شھري جي فوتگي

هيٺئين معلومات اوھان سان شيئر ڪجي ٿي جيڪا ان حوالي سان گھربل هوندي آهي

حصو پھريون
ڪراچي، سنڌ، پاڪستان

حصو ٻيون
يو ايس قونصليٽ جنرل
پلاٽ نمبر 3 ۽ 5، نيو ٽي پي ايڪس ايريا، مائي ڪولاچي روڊ، ڪراچي، سنڌ، پاڪستان
فون 922135275000
فيسڪ 922135612420
آفيس بند ٿيڻ بعد فون 92213527500

حصو ٽيون

امريڪي حڪومت جو اندازو آهي ته هن ملڪ جي آبادي 193.2 ملين آهي (2013 جي تخميني مطابق). 1998 ۾ ٿيل آدمشماري مطابق 95 سيڪڙو آبادي مسلمان آهي (75 سيڪڙو آباد سني فرقي سان تعلق رکي ٿي جڏھن ته 25 سيڪڙو سرڪاري طرح شيعه فرقي سان وابسطه آهن). جڏھن ته ملڪ جا ٻه کان چار ملين احمدي ماڻھو پاڻ کي مسلمان سمجھن ٿا پر قانون کين مسلمان سڏرائڻ کان منع ڪري ٿو. پنج سيڪڙو آبادي جو تعلق هنڌو، عيسائي، پارسي، باھياس، ٻڌ، سک ۽ ٻيا شامل آهن. ٻين مذھبي گروھن ۾ ڪلاشا، ڪيھالس ۽ جين شامل آهن. سرڪاري انگ اکر ٻڌائين ٿا ته يھودين جي تمام ٿوري برادري پڻ رھي ٿي. 0.5 سيڪڙو کان به گھٽ اھڙا ماڻھو آهن جن جو ڪنھن به مذھب سان واسطو نه آهي يا اھڙي دعوا ڪن ٿا ته هنن جو ڪنھن به مذهب سان تعلق نه آهي. سماجي دٻاءَ ايترو آهي جو تمام ٿورا اھڙا ماڻھو آهن جيڪي دعوا ڪن ٿا هنن جو ڪو به مذھب نه آهي.

چوٿون حصو

ڊسڪليمر: ان حوالي سان جيڪي ماڻھو تدفين ۽ آخري رسمن جي حوالي سان جيڪي خدمتون آڇين ٿا انھن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا پرسندن خدمتن جي معيار جي حوالي سان امريڪي قونصل خاني جي ڪا به ذميداري نه آهي. هيٺيان نالا پيش ڪجن ٿا انھن مان ڪنھن کي به ڪا ترجيح ناهي، وڌيڪ تفصيل اھي ادارا ۽ ماڻھو پاڻ ڏئي سگھن ٿا.

يوسف اينڊ ڪمپني
سامھون ڪيمپ جنرل اسٽور، بوھري بازار
دڪان نمبر 222، صدر ڪراچي، فون 923332195235

پنجون حصو

آخري رسمن جو وڌ کان وڌ مدو

  1. اھڙو ڪو به تجويز ڪيل مدو نه آهي، جڏھن مڙھ کي ڪيميڪل واري خوشبو جي ذريعي بھتر انداز ۾ محفوظ نه ٿو ڪيو وڃي ته ان صورت ۾ بھتر هوندو ته 72 ڪلاڪن ۾ ان جون آخري رسمون ادا ڪيون وڃن. جيڪڏھن وفات جو سبب ڦھلجندڙ بيماري جي ڪري آهي ته ڪراچيءَ جي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جو چيف آفيسرٿي سگھي ٿو سگھو ئي آخري رسمون ادا ڪرڻ لاءِ چوي.
  2. ڪيميڪل جي خوشبي ذريعي مڙھ کي محفوظ رکڻ جي صحولت شھر ۾ موجود آهي. مڙھ کي 24 ڪلاڪن جي اندر ان ڪيميڪل جي خوشبوء ذريعي محفوظ ڪرڻ گھرجي.
  3. مقامي قانون مطابق مڙھ جي آخري رسمن جي اگني سنستڪارجي اجازت آهي جيڪڏھن اھڙي گھر فوت ٿي ويل جو ويجھو مٽ مائٽ ڪري ته. اگني سنستڪارڪرڻ جو صحولتون موجود آهن. هت هڪ هنڌو اگني سنستڪارڪرڻ لاءِ گرائونڊ موجود آھي، باھ لاءِ ڪاٺيون استعمال ڪيون وينديون آھن، اليڪٽريڪل اگني سنستڪار موجود نه آھي.
  4. مڙھ کي تابوت ذريعي پاڪستان مان کڻائي وڃڻ جو طريقا ڪار: پاڪستان مان مڙھ کي کڻائي وڃڻ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ چار ڪنٽينريا باڪس گھربل هوندا آھن، پھرين باڪس يا تابوت ڌاتو جو هجي جيڪو اھڙي طرح بند هجي جو ان ۾ ٻاھر جي ھوا داخل نه ٿي سگھي، جنھن کي وري هڪ ٻئي پالش ٿيل باڪس يعني تابوت ۾ اھڙي طرح بند ڪيو وڃي جنھن مان هوا ڪراس نه ڪري سگھي. بعد ۾ اھي ٻئي ڪاٺ جي باڪس تابوت ۾ وڌا وڃن ۽ آخر ۾ ان کي ڪاٺ جي پٽين سان بند ڪيو وڃي، انھن پٽين کي لوھي پٽين سان بند ڪيو وڃي. باڪس تابوت جي ٻاھران لکيو وڃي ته ان جي اندر ڇا آڳي.
  5. جست خاڪي جي آخري رسمن بعد موت جي تصديق:
  • انساني هاٺي.
  • سرڪاري فوتگي جو سرٽيفڪيٽ.
  • ڊاڪٽر طرفان جاري ڪيل يا مڙھ کي خوشبدار ڪيميڪل ذريعي محفوط ڪندڙ ڊائريڪٽر جو سرٽيفڪيٽ.
  • پيڪنگ سرٽيفڪيٽ: ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جو اسسٽنٽ هيلٿ آفيسر مڙھ جوتابوت ۾ پيڪنگ پنھنجي نگراني ۾ ڪندو آهي ۽ بعد ۾ سرٽيفڪيٽ پڻ جاري ڪندو آهي ته پيڪنگ صحيح ٿي آھي.
  • مقامي پوليس اسٽيشن به اٿارٽي ليٽر جاري ڪندي آھي.
  • هاٺي يا راک
  • فوتگي جو سرٽيفڪيٽ جاري ٿيندو آھي
  • ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جو اسسٽنٽ هيلٿ آفيسر مڙھ جي اگني سنستڪار پنھنجي نگراني ۾ ڪندو آهي ۽ بعد ۾ ان لاءِ سرٽيفڪيٽ جاري ڪندو آھي.
  • مقامي علائقي جي پوليس اٿارٽي ليٽر جاري ڪندي آھي.
  1. قبر ڪشائي ۽ بعد ۾ مڙھ پرڏيھ موڪلڻ
    قبر ڪشائي کان اڳ ڊپٽي ڪمشنر کان اجازت وٺڻ لازمي آھي. ان عمل دوران ڪراچي ميٽروپوليٽن آفيسر جي موجودگي ضروري آھي. جست کاڪي جي قبر ڪشائي بعد پرڏيھ روانگي جي اجازت هوندي آھي پر ان لاءِ هيلٿ آفيسر جي منظوري گھربل هوندي آھي ڇو ته جست کاڪي جي حالت ڏسڻ ضروري هوندي آھي ۽ ٻيو ته ان جي قبر ڪشائي ڪيئن ٿي.
  2. خرچ جو تخمينو: هيٺئين خرچ جو تخمينو روپئي ۽ ڊالر جي ريٽ مطابق آھي، اھو ريٽ 27 آگسٽ 2014 جو آھي.
  • الف) ماقامي تدفين مقامي تدفين تي 300 امريڪي ڊالر خرچ ايندو
  • اگني سنستڪار، راک وٺڻ، پيڪنگ ڪرڻ ۽ پرڏيھ موڪلڻ تي ڪل خرچ 1500 امريڪي ڊالر ٿيندو.
  • مڙھ کي ڪيميڪل جي خوشبو جي ذريعي محفوظ ڪرڻ تي 400 ڊالر خرچ ايندو.
  • جست خاڪي جو اگني سنستڪار ڪرڻ تي 500 ڊالر خرچ ايندو.
  • جست خاڪي جي پرڏيھ موڪلڻ بشمول خوشبودار ڪيميڪل ذريعي ان کي محفوظ بنائڻ، تابوت جو خرچ، دستاويزي مرحلو ملائي ڪري ڪل 2000 ڊالر خرچ ايندا.
  • فرائيٽ ينعي ٽرانسپورٽ جو خرچ: خوشبودار ڪيميڪل ذريعي جست خاڪي کي محفوظ رکڻ ۽ تابوت ۾ بند ڪرڻ جو ڪل وزن 272 ڪلو گرام ٿئي ٿو، ان جي سائيز ڊيگھ 7.4 جڏھن ته ويڪر 3.2 هجي ٿي.
  • اگني سنستڪار ٿيل جست خاڪي جو وزن 9 ڪلوگرام ٿئي ٿو، سائيز 15 باءِ 12
  • هڪ ڪلوگرام برابر هجي ٿو 2.2 پائونڊس جي، ايم 3 برابر هجن ٿا 35 قيو بڪ فٽ جيڪو وزن مطابق برابرٿئي ٿو 210 پائونڊس.
  • جست خاڪي جي ھاٺي کي ٻاھر موڪلڻ تي خرچن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو
  • ڪراچي کان نيو يارڪ پر ڪلوگرام ڪرايو 7 ڊالر آھي
  • ڪراچي کان سان فرانسيسڪو جو ڀاڙو هڪ ڪلوگرام جو 10 ڊالر آھي.
  • امريڪي قونصل خاني هيٺيون شيون گھربل هونديون آھن ته جيئن مڙھ ٻاھر موڪلي سگھجي:

 

  • قونصل خانو هڪ اٿارٽي ليٽر تيار ڪندو آھي جنھن ۾ ذڪر ڪيو ويندو آھي ته خرچ ڪير ڀريندو.
  • فوتگي جو سرٽيفڪيٽ
  • علائقي جي پوليس اسٽيشن طرفان اين او سي جو سرٽيفڪيٽ
  • قونصل خاني طرفان اين او سي.
  • پاسپورٽ جي پھرين صفحي جي فوٽو ڪاپي جيڪا نوٽري پبلڪ کان تصديق ٿيل هجي.