هنگامي خدمتون:
ڪراچيءَ جي امريڪي قونصل خاني ۾ امريڪي شهرين جي رهنمائي لاءِ ”امريڪن سٽيزن سروس“ جو شعبو قائم آهي، جيڪو فقط ملاقات لاءِ اڳواٽ ورتل وقت آڌار کليل رھي ٿو. امريڪا ۽ پاڪستان جي عام موڪلن وارن ڏينھن ۾ هيءَ آفيس بند رھندي آھي.
هتي قائم ”امريڪن سٽيزن سروس“ وارو شعبو صرف ھنگامي حالتن ۾ فون ڪال وصول ڪندو آھي. اوھان جيڪڏھن امريڪي شھري آھيو يا اوھان سان سلامتي ۽ تحفظ جو ڪو مسئلو آھي، يا ڪنھن امريڪي شھري جي ڀلائي جو ڪو مامرو آھي ته ان صورت ۾ اوھان هيٺ ڏنل معلومات مطابق رابطو ڪري سگھو ٿا.
اوھان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟
پاڪستان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان مدد وٺڻ لاءِ 15 واري نمبر تي ساڻن رابطو ڪريو.
هنگامي فون ڪالس 24 ڪلاڪ وصول ڪيون وينديون آھن.
زندگي ۽ موت سان لاڳاپيل هنگامي حالتن ۾ قونصل خان جي نمبر 02135275000 تي رابطو ڪريو.
امريڪا يا ڪنھن ٻئي ملڪ مان فون ڪرڻ لاءِ 00922153275000 واري نمبر تي رابطو ڪريو.
مھرباني ڪري هيءَ ڳالھ نوٽ ڪريو ته 24 ڪلاڪن دوران ممڪن آهي ته ڪنھن وقت تي اردو ۾ ڳالھ ٻولھ ڪرڻ وارو آپريٽرفوري طور موجود نه هجي.
اوھان جيڪڏھن امريڪا ۾ آھيو ته اتي اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ جي 24 ڪلاڪ موجود فون سروس تي ڪال ڪري سگھو ٿا، جتان جو رابطي وارو نمبر 18884074747 آھي. جيڪڏھن اوھان ان نمبر تي امريڪا کان ٻاھران ڪال ڪرڻ چاھيو ته ان لاءِ نمبر آھي 0012025014444.
اھي نمبر صرف هنگامي حالتن لاءِ آھن.
هنگامي حالتن بابت وڌيڪ مددگاري معلومات لاءِ هن صفحي جي کاٻي پاسي ڏنل لنڪس تي وڃو.
امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ جي سرڪاري ويب سائيٽ پڻ ھنگامي حالتن بابت تفصيلي معلومات ڏئي ٿي. ان لاءِ هيٺين لنڪ تي وڃو.
http://travel.state.gov/content/passports/english/emergencies.html
انهيءَ سائيٽ تان هنگامي حالتن بابت مختلف نوعيت جي ڄاڻ ملي ٿي. مثال طور گرفتاري، نظربندي، ماڻهوءَ جي گمشدگي، ٻار جي اغوا، پنھنجن پيارن سان رابطو ڪرڻو جي سلسلي ۾ مدد بابت معلومات فراهم ٿئي ٿي. ان سان گڏ ان سائيٽ تي پرڏيھ ۾ فوتگي، قدرتي آفتن جهڙن معاملن تي اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ جي ڪردار جي حوالي سان معلومات موجود آھي.