ٽيڪس بابت معلومات

غير ملڪي اثاثن بابت فارم نمبر 8938 ھر ٽيڪس ادا ڪندڙ فرد کي ڀرڻو پوندو جنھن ۾ نه صرف ملڪيت بلڪه بئنڪ اڪائونٽس جي معلومات پڻ ڏيڻي پوندي. ٽيڪس ڀريندڙ فردن کي ان ڳالھ جو پاڻ تعين ڪرڻو پوندو ته هي فارم مٿن لاڳو ٿئي ٿو يا نه، پر ھيءَ ڳالھ ياد رکو ته فارم نه ڀرڻ جو صورت ۾ تمام گھڻو ڏنڊ ڀرڻو پوي ٿو.

اثاثا ظاھر ڪرڻ واري ان فارم 8938 بابت وڌيڪ معلومات ۽ فارم آن لائين موجود آھي.

ٽيڪسن جي حوالي سان ڪيترائي خانگي ماڻھو ۽ ڪمپنيون آھن جيڪي اوھان کي پنھجون خدمتون آڇين ٿا پر انھن مان ڪيترائي قابل اعتبار نه آھن. اھڙن فردن جي لسٽ قونصل خاني وٽ موجود نه آھي نه ئي وري اسان انھن جي ساک جي ڪا گرنٽي ڏيون ٿا.

فردن لاءِ معلومات

امريڪا جي ايف اي ٽي سي آي جي قانون هيٺ جن ماڻھن جي آمدني هڪ حد کان مٿي هوندي آھي تن کي پنھجا اثاثن ظاھر ڪرڻا پوندا آھي. اھڙي رپورٽ مٿي ڏنل فارم ۾ ڀرڻي پوندي آھي. اھا رپورٽ فيڊرل انڪم ٽيڪس ريٽرن فارم سان گڏ جمع ڪرائڻي پوندي آھي. ان حوالي سان وڌيڪ معلومات هن ويب سائيٽ تان حاصل ڪري سگھجي ٿي.
https://www.irs.gov/Businesses/Corporations/Foreign-Account-Tax-Compliance-Act-FATCA

اھا ويب سائيٽ اوھان کي تفصيلي معلومات فراھم ڪري ٿي ته ايف اي ٽي سي اي جي قانون هيٺ ڪھڙا ڪھڙا اثاثا ٽيڪس جي مد ۾ اچن ٿا. اھو مسودو اوھان کي بھترين معلومات فراھم ڪري ٿو.

غيرملڪي مالياتي ادارن بابت معلومات
امريڪي ٽيڪس ادا ڪندڙ فردن کي پنھجن پرڏيھي مالياتي ادارن ۽ اڪائونٽس بابت معلومات ايف اي ٽي سي اي کي ڏيڻي پوندي. پرڏيھي ڪمپنيون وڌيڪ معلومات لاءِ آءِ آر ايس جي ويب سائيٽ تي وڃي سگھن ٿيون.

ٽيڪس انتظامن سان لاڳاپيل ٽريشري انسپيڪٽر جنرل جي مک ذميدار هوندي آھي ته ان جي نظرثاني ڪري ته جيئن امريڪي فيڊرل ٽيڪس سرشتي جي ساک صاف رھي. ان سڄي سرشتي ۾ ڪنھن به قسم جي بيظابتگي، ٺڳي، فراڊ، ضايع ڪرڻ يا وري استحصال ناقابل قبول آھي.  (ٽي آءِ جي ٽي اي) جي نظر ثاني واري ڪردار ۾ اھا ذميداري به شامل آھي ته ڪنھن مخصوص هنڌن تي آڊٽ ۽ چڪاس ڪري سگھن ٿا. فراڊ جي ڪيسن ۾ هي ادارو انتظامي توڙي ڪرمنل جاچ پڻ ڪري سگھي ٿو. ٽيڪس ڀريندڙ فردن طرفان آءِ آر ايس جي عملي کي رشوت ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻ، کين ڌمڪائڻ ، يار وري آءِ آر ايس عملي طرفان ڪنھن به قسم جي ڪرپشن ۽ گھوٻين جي جانچ ۽ نظر ثاني ڪرڻ پڻ ھن اداري جو ڪم آھي.

ان حوالي سان ٺڳيءَ ۽ فراڊ جي معاملن جي خبر جي اوھان کي پئي ته هن ٽي آءِ جي ٽي اي جي هاٽ لائين تي معولومات ڏيو.

http://www.treasury.gov/tigta/contact_report.shtml