امريڪي شھرين لاءِ مقامي وسيلا

مھرباني ڪري ھي ڳالھ ڌيان ۾ رکو ته ٻين ادارن جي خدمتن جي معيار ۽ ساک جي ذميداري جو تعلق ۽ واسطو اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ سان ناھي. ھتي ڏنل معلومات انھن ادارن طرفان سڌي طرح اسان تائين پھچائي وئي آھي جيڪا اوھان سان ونڊي رھيا آھيون.

اوھان جيڪڌھن امريڪي شھري آھيو ۽ آفيس جي وقت بعد ۾ اوھان سان ڪا ھنگامي حالت پيش اچي ٿي ته مھرباني ڪري ھيٺين نمبر تي فون ڪيو

ڪراچي قونصل خانو
02135275000

امريڪا ۾ آھيو ته ھن نمبر تي ڪال ڪيو
18884074747

پاڪستان ۾ پوليس جي مدد لاءِ 15 تي ڪال ڪيو

اسين اوھان جي ڪيئن مدد ڪري سگھون ٿا

امريڪن قونصل خانو ڪراچي امريڪي شھريءَ جي ڪن ھنگامي حالتن م مدد ڪري سگھي ٿو، جيڪڏھن ڪو شھري گرفتار ٿيو ھجي، غائب ڪيو ويو ھجي، پرتشدد ڏوھ جو شڪار بڻيو ھجي، بيمار ٿيو ھجي يار وري فوت ٿي ويو ھجي، يا وري ان کان علاوه به جيڪڏھن ٻي ڪنھن ھنگامي مدد جي ضرورت وقت. اسان اوھان کي مقام ادارن ۽ وسيلن بابت معلومات ڏئي سگھون ٿا، اوھان جي امريڪي ۾ موجود خاندان سان رابطو ڪري سگھون ٿا ته جيئن ھو اوھان گھربل مدد جو انتظام ڪري سگھن.

مھرباني ڪري نوٽ ڪيو ته چوري ٿيل يا وڃايل پاسپورٽ جي حوالي سان اسان اوھان جي مدد صرف آفيس جي وقت دوران ئي ڪري سگھون ٿا.