- ھنگامي حالتن ۾ رابطو
- طبي مدد
- نوٽري خدمتون
مھرباني ڪري ھي ڳالھ ڌيان ۾ رکو ته ٻين ادارن جي خدمتن جي معيار ۽ ساک جي ذميداري جو تعلق ۽ واسطو اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ سان ناھي. ھتي ڏنل معلومات انھن ادارن طرفان سڌي طرح اسان تائين پھچائي وئي آھي جيڪا اوھان سان ونڊي رھيا آھيون.
يو ايس قونصل خاني ڪراچي ۾ امريڪن سٽيزن سروس جو شعبوفقط ملاقات لاءِ اڳواٽ ورتل وقت لاءِ کليل رھي ٿو. امريڪن ۽ پاڪستان جي عام موڪلن جي ڏينھن ۾ هيءَ آفيس بند رھندي آھي.
ڪراچي ۾ قونصل خاني جي امريڪن سٽيزن سروس شعبو صرف ھنگامي حالتن ۾ فون ڪال وصول ڪندو آھي. اوھان جيڪڏھن امريڪي شھري آھيو يا اوھان سان سلامتي ۽ سيڪيورٽي جو ڪو معاملو آھي، يا ڪنھن امريڪي شھري جي ڀلائي جو ڪو مامرو آھي ته ان صورت ۾ اوھان هيٺ ڏنل معلومات مطابق رابطو ڪري سگھو ٿا.
توهان جو فون ڪال گم ٿي ۽ پاسپورٽ جي حوالي سان ٿيل چوري ته ملي معلومات مان هڪ ڪڙي لاء هتي ڪلڪ ڪريو آهي
ته هاڻي اوھان کي ڇا ڪرڻ گھرجي.
ھنگامي ميڊيڪل جي صورتحال ۾ هن لنڪ تان معلومات حاصل ڪيو ميڊيڪل رسورس ڪھڙا موجود آھن.
هنگامي ي ي وسيلن تي وڃڻ لاء هي معلومات ڪڙي کي ھدايت. هتي ڪلڪ ڪريو
پاڪستان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان رابطي لاءِ هن نمبر تي ساڻن رابطو ڪيو 15.
هنگامي فون ڪالس 24 ڪلاڪ وصول ڪيون وينديون آھن.
زندگي ۽ موت جھڙين هنگامي حالتن ۾ قونصل خان جي هن نمبر تي رابطو ڪيو 02135275000.
امريڪا يا ڪنھن ٻئي ملڪ مان هن نمبر تي ڪال ڪيو 00922153275000.
مھرباني ڪري هيءَ ڳالھ نوٽ ڪيو ته 24 ڪلاڪن دوران ڪنھن وقت تي اردو ۾ ڳالھ ٻولھ ڪرڻ وارو آپريٽرممڪن آ ته تڪڙو موجود نه هجي.
اوھان جيڪڏھن امريڪا ۾ آھيو ته اتي اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ جي 24 ڪلاڪ موجود فون سروس تي ڪال ڪري سگھو ٿا، نمبر آھي 18884074747 ۽ جيڪڏھن اوھان ان نمبر تي امريڪا کان ٻاھران ڪال ڪرڻ چاھيو ته نمبر هي آھي 0012025014444.
اھي نمبر صرف هنگامي حالتن لاءِ آھن.
اوھان جيڪڏھن امريڪن سٽيزن سروس کي پيغام موڪلڻ ڇاھيو ٿا هي لنڪ استعمال ڪيو
اوھان جيڪڏھن امريڪن سٽيزن سروس سان ملاقات جو وقت وٺڻ ٿا چاھيو هي لنڪ استعمال ڪيو
هنگامي حالتن بابت وڌيڪ مددگار معلومات لاءِ هن صفحي جي کاٻي پاسي ڏنل لنڪس تي وڃو.
يو ايس اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ جي سرڪاري ويب سائيٽ پڻ ھنگامي حالتن بابت مفصل معلومات ڏئي ٿي ان لاءِ هن لنڪ تي وڃو
ان سائيٽ تان هنگامي حالتن جي مختلف نوعيتن بابت ڄاڻ ملي ٿي مثلن گرفتاري، نظربندي، گم ٿيل ماڻھو، پنھجن پيارن سان رابطو ڪرڻو، ٻار اغوا ٿيڻ جي صورت ۾، پرڏيھ ۾ فوتگي، قدرتي آفتون، ۽ اھڙي بحران ۾ اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ جو ڪردار وغيره جھڙن مامرن بابت معلومات موجود آھي.