نوٽري خدمتون

مھرباني ڪري ھي ڳالھ ڌيان ۾ رکو ته ٻين ادارن جي خدمتن جي معيار ۽ ساک جي ذميداري جو تعلق ۽ واسطو اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ سان ناھي. ھتي ڏنل معلومات انھن ادارن طرفان سڌي طرح اسان تائين پھچائي وئي آھي جيڪا اوھان سان ونڊي رھيا آھيون.

اھي دستاويز جيڪي امريڪا ۾ قانوني گھرجن لاءِ استعمال ٿين ٿا تن لاءِ قونصل آفيسر کان نوٽري ڪرائڻ جي ضروت هوندي آھي. ان حوالي سان جنھن ماڻھو کي گھربل ڪاغذ تي صحيح ڪرائڻي هوندي آھي ان جو پاڻ موجود هجڻ لازمي آھي. اھو شخص امريڪن سٽيزن سروسز شعبي جي آفيسر آڏو پاڻ پنھجي شناختي ڪاغذن سان گڏ پيش ٿئي. شناختي ڪاغذن ۾ پاسپورٽ شامل آھي، ان سان گڏ کيس گھربل في پڻ جمع ڪرائڻي پوندي. ڪن نوٽري ڪاغذن لاءِ شاھد جو ھجڻ به ضروري هوندو آھي ان لاءِ پاڻ سان گڏ شاھد پڻ وٺي اچو، اچڻ کان اڳ ان جو به نالو لسٽ ۾ شامل ڪرڻ ضروري آھي. توڻي جو ان ڳالھ جو دارومدار ڪاغذن جي نوعيت تي آھي پر جي ضروت پئي ته نوٽري آفيسر اوھان کان حلف پڻ کڻائي سگھي ٿو ته هن دستاويز ۾ بيان ڪيل ڳالھيون سچيون ۽ اوھان جي رضامندي سان آھن. (ھيءَ ڳالھ ذھن ۾ رکو ته نوٽري آفيسر جو اھو ڪم ناھي ته دستاويز ۾ جيڪي ڳالھيون لکيل آھن سي درست آھن يا نه بلڪه ھن جو ڪم اھو آھي ته هو اوھان کان حلف نامو وٺي ته اوھان هن تي صحيح پنھجي رضا خوشي سان ڪري رھيا آھيون). نوٽري آفيسرن کي ان ڳالھ کان منع ڪيل آھي ته تو دستاويزن ۾ ڏنل مواد بابت اوھان کي ڪا قانون صلاح ڏين.

امريڪي يوينروسٽين ۽ سرٽيفڪيٽس جي چڪاس جو ڪم

امريڪا جو سفارتخانو يا قونصل خانو امريڪي تعليمي ادارن مان جاري ٿيل ڊپلوما توڙي ٻين سرٽيفڪيٽ سند جي شناخت ۽ انھن جي صحيح هجڻ وارو سرٽفڪيٽ جاري نه ڪندو آھو جيڪو ٻاھرين ملڪن ۾ ڪنھن مقصد لاءِ استعمال ٿيڻو هجي.ان لاءِ وڌيڪ معلومات لاءِ امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ جي ويب سائيٽ تي وڃو.