ٻارن جا پاسپورٽ

16 سالن جي عمر جا ٻار پاسپورٽ ٺھرائڻ لاءِ پاڻ قونصل خاني اچن، ساڻن گڏ والدين ۾ ڪنھن ھڪ جو ھجڻ لازمي آھي. پر جي اوھان جو ٻار 16 سالن جي عمر کان به ننڍو آھي ته ان صورت ٻنھي والدين جي موجودگي لازمي آھي ته جيئن هو درخواست تي صحيحيون ڪري سگھن. جيڪڏھن ٻنھي والدين مان هڪ ئي اچي سگھي ٿو ته ان صورت ۾ ٻنھي کي رضامندي جي سرٽيفڪيٽ تي صحيح ڪرڻي پوندي جيڪو فارم نمبر ڊي ايس 3053 تي موجود آھي. اھڙو رضانامو نوٽري عملدار کان صحيح ڪرائڻو پوندو.