حمايت ڪاغر

يا وري جيڪڏھن ھڪ والدين ٻار سان گڏ اچڻ جي صورت ۾ کيس ھيٺيون شاھديون گڏ کڻي اچڻيون پونديون:

ٻار جو ڄم جو سرٽيفڪيٽ جيڪو قونصلر شعبي طرفان جاري ٿيل هجي جنھن تي لکيل اڪيلي والدين جو ذڪر ٿيل ھجي.

ٻار هنج وٺڻ جو سرٽيفڪيٽ، ان صورت ۾ جڏھن ٻار هنج صرف هڪ فرد (والدين) ورتو آھي.

ڪورٽ جو حڪمنامو جيڪو هڪ والدين کي ٻار جي مالڪي جو اختيار ڏئي ٿو. والدين مان جيڪو حاضر نه آھي ان جي ٻار تائين رسائي نه هجي، ۽ ٻار جي سفر تي ڪا پابندي مڙھيل نه هجي.

والدين مان جيڪو ٻار جي مالڪي جي اھل نه آھي ان لاءِ ڪورٽ جو حڪمنامو يار وري ان جي فوتگيءَ جي صورت ۾ موت جو سرٽيفڪيٽ پيش ڪيو وڃي.

ڪجھ ڪيسن ۾ منفرد صورتحال کي نظر ۾ رکندي پڻ ڪجھ ڪيس ٻڌا ويندا آھن، اھڙي صورتحال جي وضاحت اسٽيٽ ڊپارٽمنت اڳ ئي منظوري ڏنل آھي. اھڙي صورتحال ۾ والد يا امڙ (يا سنڀاليندڙ) لکت ۾ هڪ دستاويز تي صحيح ڪندو جنھن ۾ خاص خانداني صورتحال جو ذڪر ڏنل هوندو آھي.

دستاويزي گھرجون

والدين کي پاڻ ذاتي طور ٻار سان گڏ اچڻ کانسواءِ هيٺيان دستاويز کڻي اچڻا پوندا:

والدين جي سڃاڻپ جي ثابتي لاءِ هيٺين ڪاغذن مان هڪ کان وڌيڪ ڪاپيون ساڻ کڻي اچو:

پاسپورٽ

پرڏيھي پاسپورٽ

۽ يا جنھن ملڪ ۾ رھوٿا اتان جي حڪومت طرفان جاري ٿيل سرڪاري شناختي ڪارڊ يا ڪو ٻيو سڃاڻپ ڪارڊ مثلن ڊرائيونگ لائسنس وغيره.

والدين هجڻ جي ثابتي (ھيٺين ثبوتن جون هڪ کان وڌيڪ ڪاپيون کڻي اچو)

ٻار جي ڄم جو سرٽيفڪيٽ جنھن ۾ والدين جو نالو درج هجي، ۽ اھو امريڪي حڪومتي ادارن طرفان جاري ٿيل هجي يا واري اسپتال طرفان.

جيڪڏھن ٻار جي پيدائش پرڏيھ ۾ ٿي آھي ته ان صورت ۾ ان ملڪ طرفان جاري ٿيل ڄم جو سرٽيفڪيٽ (جي مقامي ٻولي ۾ جاري ٿيل آھي ته ان جو ترجمو گھربل ھوندو آھي)

قونصلر شعبي طرفان فارم ايف ايس 240 تي جاري ٿيل ڄم جو سرٽيفڪيٽ جنھن تي والدين جا نالا درج ھجن.

ٻار هنج وٺڻ جو حڪمنامو، سنڀاليندڙن جي نالن سان گڏ، يا
ٻار جي مالڪي جو ڪورٽ طرفا حڪمنامو، يا
ٻار جي سنڀال ثابت ڪرڻ وارو ڪورٽ جو حڪمنامو

ذات، خاندان يا آخري نالي ۾ فرق هجڻ بابت: جيڪڏھن اوھان جو آخري نالو (ذات، خاندان) اھو ساڳيو نه آھي جيڪو اوھان جي ٻار جو آھي، ان صورت ۾ اوھان کي دستاويزي ثبوت ڏيڻو پوندو ته اوھان جا نالا ڪيئن ڳنڊيل آھن، مثلن شادي جو سرٽيفڪيٽ، يا ڪو ڪورٽ جو حڪمنامو.

ٻار جي شھريت جو ثبوت: (مھرباني ڪري ھيٺين دستاويزن مان هڪ کان وڌيڪ ڪاپيون ساڻ آڻيو)

اڳ جاري ٿيل امريڪي پاسپورٽ
امريڪي ڄم جو سرٽيفڪيٽ
پرڏيھ ۾ ڄم جي قونصلر شعبي جي رپورٽ

هڪ عدد تصوير جيڪا ھيٺ ڏنل گھرجن مطابق هجي:

رنگين تصوير جيڪا گذريل ڇھن مھينن ۾ ورتي وئي ھجي،
سائيز 2 باءِ 2 انچ
تصوير ۾ اوھان جو چھرو ڏاڙھي کان نرڙ ۽ وارن تائين هجي،
تصوير اڇي بيگ گرائونڊ تي ورتل هجي، بلڪل صاف ۽ سنھي ڪاغذ تي پرنٽ ٿيل هجي. سڄي چھري جي تصوير صاف نظر اچڻ گھرجي،
فوٽوگراف جو ڪاغذ ۽ معيار گرم پد 107 ڊگريون برداشت ڪري سگھي،
تصوير ۾ مٿي تي ڪا شي پاتل نه هجي، مٿو صاف نظر اچڻ گھرجي، چشمو پاتل نه هجي، ڪجھ معاملن ۾ مذھبي يا طب جي ضرورتن کي نظر ۾ رکي انھن جي اجازت ڏئي سگھجي ٿي، پر ان لاءِ اسان سان اڳواٽ رابطو ڪرڻ ضروري آھي،
تصوير ڪڍرائڻ بعد ان ۾ ڪا به تبديلي نه ٿي ڪري سگھجي، نه ان جي روشني وڌائي سگھجي ٿي نه ئي ڪا ٻئي ردوبدل.

ٻار جي جسماني واڌ متعلق نوٽ: ٻار جڏھن وڏو ٿئي ته هو پنھجي پونئين پاسپورٽ ۾ ڏنل تصوير جھڙو نه ٿو رھي. خاص طور تي جڏھن ٻار جو پھريون پاسپورٽ بلڪل ڄم کانپوءِ جاري ٿيل ھجي. ان صورت ۾ والدين ٻار جا ننڍي عمر جون وڌ کان وڌ تصويرون کڻي اچن ته جيئن ٻار جي جسماني واڌ جي ڪري سندس تصوير کي سڃاڻڻ ۾ مدد ملي. تصويرون بعد ۾ سڀ والدين کي واپس ڪيون وينديون.