فارم ڀرڻ جو طريقه ڪار

ڊي ايس 11 فارم ڪيئن ڀرجي، ان لاءِ پھرين ته فارم ڊائون لوڊ ڪيو پوءَ اي_4 سائيز جي صفحي تي پرنٽ ڪيو، ھر صفحو الڳ صفحي تي هجي. ان فارم تي جيڪي ھدايتون آھي سي اصل ۾ امريڪا اندر پاسپورٽ ٺاھئڻ لاءِ ڏنل آھن. پر جيئن ته درخواستون امريڪا ٻاھر ٻي طرح ورتيون وينديون آھن ان ڪري ٻنھي صفحن تي ڏنل ھدايتن کي اوھان نظر انداز ڪيو.

ڊي ايس 11 فارم هن لنڪ (PDF 100 KB) تي موجود آھي

درخواست فارم تي هڪ کان 22 سيڪشن تائين مڪمل ڀريو، وڏي اي بي سي م لکو ۽ ڪاري مس استعمال ڪيو. اھا معمولات لازمي ڏيڻ لازمي آھي.

سماجي سيڪيورٽي نمبر: اوھان کي ھي حصو ضرور ڀرڻ گھرجي. جي اوھان وٽ سوشل سيڪيورٽي نمبر ڪڏھن رھيو ئي ناھي ته به ان ۾ زيرو زيرو لکو.

ميلنگ ائڊريس: هن خاني ۾ پاڪستان ۾ پنھجي رھائش جي ائڊريس لکو.

مستقل پتو: هن خاني ۾ پنھجو مستقل پتو لکو، جيڪو به اوھان جو مستقل پتو هجي سو لکو.

سفر جو منصوبو يا ھنگامي رابطي وارو نمبر: هيءَ معلومات ڏيڻ لازمي نه آھي پر جي ڏيڻ چاھيو ته اھا مددگار ثابت ٿئي ٿي، خاص ڪر مستقبل لاءِ.

قسم نامو ۽ صحيح: قونصلر آفيسر جي موجودگي ۾ اوھان کي هن تي صحيح ڪرڻي پوندي. صفحي نمبر 4 تي ڏنل معلومات کي اوھان ضرور پڙھو. ڪا به شق اوھان تي لاڳو ٿئي ٿي ته ان بابت وضاحتي بيان لکت ۾ پيش ڪيو ۽ ان تي پنھجي صحيح پڻ ڪيو.