جي اوھان پنھجو نالو تبديل ڪيو آھي ته ان لاءِ اھا تبديلي پنھجي پاسپورٽ ۾ پڻ ڪري سگھو ٿا. پر اھا ڳالھ ذھن ۾ رکو ته سيپٽمبر 2005 کان بعد امريڪي پاسپورٽ جي صفحي جنھن تي ڊيٽا نظر ايندي آھي ان ۾ ڪا تبديلي نه ٿيندي.
جيڪڏھن پاسپورٽ جاري ٿيڻ جي ھڪ سال اندر ڪا تبديلي ڪرڻي آھي ته ان لاءِ ڊي ايس 5504 فارم ڀري جمع ڪرايو. ان سان گڏ اھو پاسپورٽ به جمع ڪرايو جنھن ۾ تبديلي ڪرائڻي آھي، شاديءَ جو اصل سرٽيفڪيٽ (نڪاح نامو) يار ڪورٽ جو آرڊر جنھن ۾ اھا تبديلي درج ٿيل هجي. نيون تصويرون پڻ کڻي اچو. ان روٽين جي ڪم لاءِ ڪا في نه ورتي ويندي.
پر جيڪڏھن پاسپورٽ سال اڳ جاري ڪيو ويو هو ته ان لاءِ نئين پاسپورٽ واريون ساڳيون لازمي شرطون لاڳو ٿينديون.