پاسپورٽ لاءِ درخواستون فقط پھرين ملاقات لاءِ وقت وٺڻ جي صورت ۾ ئي منظور ڪيون وينديون آهن. ملاقات جو وقت وٺڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪيو
. سواءِ هنگامي حالتن جي پاسپورٽ لاءِ ملندڙ سڀ درخواستون اليڪٽرانيڪلي نيو آرلينز موڪليون وينديون آهن، انھن جو پراسيس اتي شروع ٿيندو آهي. سڀني درواست گذارن کي پاڻ ذاتي طور اچڻو پوندو آهي، جيڪڏھن اوهان جو ٻار 16 سالن جي عمر جو آهي ته پوءِ ٻنھي والدين کي پاڻ اچڻو پوندو ته جئين درخواست تي صحيح ڪري سگھن، جيڪا ٻنھي جي گھربل هوندي آهي. جيڪڏھن والدين مان ڪو هڪ نه ٿو اچي سگھي ته ان لاءِ کيس فارم نمبر ڊي ايس 3053 ڀري نوٽري کان صحيح ڪرائي جمع ڪرائڻو پوندو. پاس پورٽ ٺھڻ جي لاءِ مھرباني ڪري ٻن هفتن تائين انتظار ڪيو.
گھربل دستاويز
اڳ جاري ٿيل امريڪي پاسپورٽ ضرور گڏ آڻڻ گھرجن
اھو به ثابت ڪرڻو پوندو ته درخواسگذار امريڪي شھري آھي جنھن ۾ ڄم جو سرٽفڪيٽ، ان سرٽفڪيٽ جي يا ته اصل ڪاپي هجي يا پوءِ ذميدار سرڪاري آفيس کان سرٽيفائيڊ ٿيل.
قونصلر شعبي جو رڪارڊ شامل هجي ته پيدائش جي رپورٽ ملڪ کان ٻاھر ڏني وئي هئي.
سڃاڻپ جي تصديق (ان لاءِ هيٺين دستاويزن هڪ يا ان کان وڌيڪ گڏ کڻي اچڻ لازمي آهي)
اڳ جاري ٿيل امريڪن پاسپورٽ
شھريت جو سرٽيفڪيٽ
يا سڃاڻپ ڪارڊ جيڪو مجاز اداري طرفان جاري ڪيل هجي مثلن رياست، مقامي حڪومت يا ملڪ جنھن شھري رھائشي آهي، ڊرائيونگ لائسنس به شامل آهي.
ھڪ عدد تصوير
هڪ عدد رينگين تصوير جيڪا گذريل ڇھن مھينن جي اندر ورتل هجي
ان جي سائيز 2 باءِ 2 انچ هجي
تصوير جي سائيز ۾ چھرو مٿي جي وارن سميت صاف نظر اچڻ گھرجي جنھن جي سائيز هڪ انچ هجي يا هڪ انچ کان ٿوري وڌيڪ. ڄاڙيءِ کان وٺي مٿي جا وار ان ۾ نظر اچڻ گھرجن.
تصوير صاف هجي جنھن ۾ اوھان جو چھرو واضع هجي، هلڪي سنھي ڪاغذ تي اھا تصوير پرنٽ ٿيل هجي ان جو بيڪ گرائونڊ اڇو هجي
107 سيلسيس گرمي پد برداشت ڪري سگھڻ جھڙو ڪاغذ هجي.
تصوير عام طور تي ڪڍيل هجي مطلب ته ڪا ٽوپي ۽ مٿو ڍڪيل نه هجي، سن گلاسز وغيره چشمي به پاتل نه هجي، ڪجھ معاملن ۾ جيئن ڪو ميڊيڪل سبب يا مذھبي سبب هجي ته انھن شين جي اجازت هوندي. پر ان لاءِ پھرين اسان سان رابطو ڪيو.
تصوير ڪڍڻ بعد ان ۾ ڪا ترميم، رنگ، ايڊنگ وغيره نه ڪرڻ گھرجي.
بالغ ماڻھن جي تصوير جي سائيز چيڪ ڪرڻ لاءِ هن لنڪ تي وڃو
http://goo.gl/Q8ZjQe
ننڍن ٻارن جي تصويرجي سائيز چيڪ ڪرڻ لاءِ هن لنڪ تي وڃو
http://goo/gl/Tq5zmu
جيڪڏهن اوهان جو پاسپورٽ چوري ٿيو هو يا وڃائنجي ويو ته ان صورت ۾ هيٺيان دستاويز آڻڻ ضرور آهي
پوليس رپورٽ جنھن ۾ انھن حالتن جو ذڪر ٿيل هجي ته ڪٿي ۽ ڪيئڻ چوري ٿيو هو يا وڃائنجي ويو هو
فارم ڊي ايس 64 جي اندرمڪمل تفصيل افيڊوٽ سان گڏ داخل ٿيل هجن
هيٺيون ٽي شرتون پوريون ٿيڻ جي صورت ۾ اوھان کي ڊي ايس 82 ڀرڻ گھرجي
اوهان کي گذريل 15 سالن جي عرصي ۾ امرڪي پاسپورٽ جاري ٿيو هو
۽ نئين پاسپورٽ جي درخواست ڏيڻ وقت اوھان وٽ پنيون پاسپورٽ موجود آهي
جڏھن اوھان کي پونيون پاسپورٽ جاري ڪيو ويو هو ته اوھان جي گھٽ ۾ گھٽ عمر 16 سال هئي.
جيڪڏھن اھي ٽئين گھرجون پوريون نه آهن، اوھان جو اڳيون پاسپورٽ چوري ٿي ويو هو يا خراب حالت ٿي وئي هيس ان صورت ۾ اوھان کي ڊي ايس 11 فارم ڀرڻو پوندو.
هنگامي صورتحال ۾ ٽريول ڪرڻ: هنگامي حالتن دوران سفر ڪرڻ جي صورت ۾ قونصلر شعبي کي اختيار آھي ته اوھان جو پاس پورٽ هو پاڻ پرنٽ ڪري سگھن ڇو ته ٻن ھفتن جو انتظار اوھان لاءِ وڌيڪ ڏکيائون پيدا ڪري سگھي ٿو. اھڙي صورتحال ۾ پرنٽ ۽ جاري ٿيندڙ پاسپورٽ جو مدو محدود هوندو جنھن ۾ ڪو اضافو نه ٿو ڪري سگھجي.