1 امريڪا طرفان سنڌ پوليس کي گاڏيون ڏنيون ويون

چند پوليس آفيسرن سان قونصل جنرل

ڪراچي– امريڪي قونصل جنرل برائن هيٿ امريڪي اداري انٽرنيشنل نارڪوٽڪس ۽ لا اينفورسمنٽ (آءِ اين ايل) طرفان سنڌ پوليس کي چار ڊبل ڊور گاڏيون ڏنيون. سنڌ پوليس جي هيڊ ڪوارٽ ۾ ٿيل تقريب ۾ سنڌ پوليس جي سربراھ غلام حيدر جمالي، آءِ اين يل جي اتاشي بروڪ ديمونٽلوزن پڻ شرڪت ڪئي جنھن دوران قونصل جنرل گاڏيون سنڌ پوليس جي حوالي ڪيون.

اھي گاڏيون سنڌ صوبي جي عورت ٿاڻن ۽ پوليس آفيسرن لاءِ ڏنيون پيون وڃن. هڪ لک ڇويھ هزار ڊالرس جي مليت جون هي چار گاڏيون پوليس جي تحفظ ۽ ٻئي عملي کي ٽرانسپورٽ جو بھتر صحولتون مھيا ڪنديون.

امريڪي اداري آءِ اين ايل سال 2011 کان وٺي پنھجي پوليس اسسٽنس پروگرام هيٺ سنڌ پوليس کاتي کي 36 ملين ڊالرس جو سامان ۽ امداد مھيا ڪئي آھي. جن ۾ پوليس جي ٽرانسپورٽ لاءِ پڪ اپس، بڪتربند گاڏيون، بلٽ پروف جيڪيٽس ۽ جي پيس ايس وغيره شامل آھن.

ان سان گڏ آءِ اين ايل سنڌ پوليس جي تربيتي ادارن لاءِ نصاب جي بھتري لاءِ ان ۾ واڌارا ۽ سڌارا ڪرڻ جي پروگرام ۾ پڻ مدد فراھم ڪئي. جنھن بعد تربيتي نصاب ۾ انساني حقن بابت ڄاڻ، فارينزڪ شاھديون گڏ ڪرڻ جي ڄاڻ، ۽ ڪيسن جي تحقيق جا گر سيکارڻ پڻ شامل ڪيا ويا. آءِ اين ايل ڪراچي ۾ ٽن عورت پوليس اسٽيشن جي پڻ مدد ڪئي. انھن پوليس ٿاڻن کي ڪميونڪيشن سامان، ڪوسٽر بسون، وين ۽ پڪ اپ ٽرڪس مھيا ڪيو ويو.