قونصل جنرل برائن هيٿ بلوچستان اسيمبليءَ جو دورو ڪيو

گروپ شاٽ

قوئٽه :ڪراچي ۾ مقيم امريڪي قونصل جنرل برائم هيٿ بلوچستان جي صوبائي اسيمبليءِ جو دورو ڪيو جنھن دوران هن امريڪا پاران پاڪستان ۾ هلندڙ ترقياتي پروگرامن جا تفصيل اسپيڪر سان ونڊيا. قونصل جنرل هيٿ جي ميزباني صوبائي اسيمبلي جي اسپيڪر  جان محمد جمالي ڪئي. امريڪي قونصليٽ جي وفد ۾ سياسي ۽ اقتصادي شعبن جا سربراھ پڻ شامل هئا. قونصل جنرل هيٿ صوبائي اسيمبليءَ جو دوري دوران هن يو ايس ايڊ جي تعاون سان قائم ڪيل اسيمبليءَ جي لئبريري ۽ رسورس مرڪز جو پڻ دورو ڪيو.

ان موقعي تي پھنجن خيالن جو اظھار ڪندي قونصل جنرل برائن هيٿ چيو ته مونکي بلوچستان ۾ اچي تمام گھڻي خوشي ٿي آهي. هن دوري سان مونکي هن صوبي جي باري ۾ ڄاڻ ملي آھي، گڏوگڏ اھو موقعو به مليو آهي ته هتي جي اڳواڻن کي امريڪي حڪومت جي تعاون سان هلندڙ پروگرامن جو تفصيل پڻ بيان ڪري سگھان.

قونصل جنرل هيٿ وڌيڪ چيو ته يوايس ايڊ جي ذريعي امريڪي حڪومت افغان سرحد سان لڳ بلوچستان جي اٺن ضلعن ۾ آبادگارن جي مدد ڪري رھي آهي جنھن هيٺ فصلن ۽ چوپائي مال جي پيداوار وڌائڻ، زمين کي برابر ڪرڻ سان گڏ باغ باني کي فروغ ڏيڻ شامل آهي. ان منصوبي هيٺ آبادگارن جو 38 مارڪيٽنگ ڪوآپريٽوز قائم ڪيون آهن. ان سان گڏ پشين ضلعي جي 2 ھزار عورتن کي گھرو صنعت ۾ اڳتي آڻڻ لاءِ پڻ پروگرام شروع ڪيو ويو ته جيئن هو پنهجي هنر جي ڪم لاء منڊي ۾ جاءِ پيدا ڪري سگھن.

قونصل جنرل وڌيڪ چيو ته صحت جي شعبي ۾ شروع ڪيل پيش رفت پڻ اھم آهي. مرسي ڪورپس جي ذريعي يو ايس ايڊ قوئٽه، گوادر ۽ ڪيچ ضلعن ۾ داين کي تربيت ڏئي سندن ڄاڻ ۾ اضافو ڪري رھيو آهي ته جيئن ماءُ ۽ ٻارن جي صحت بھتر ڪري سگھجي، صحتمند خاندان خوش ۽ خوشحال هوندا آهن.

قونصل جنرل هيٿ يوايس ايڊ پاران مختلف شعبن ۾ شروع ڪيل پروگرام جو ذڪر ڪندي وڌيڪ چيو ته انھن پروگرام ۾ بلوچستان يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي، سائنس ۽ مينيجمنٽ ۾ ڪاربار جي شعبن ۾ شاگردن لاءِ اسڪالرشپ پروگرام ۽ سردار بھادر خان عورتن جي يونيورسٽي ۾ ليبارٽري کي اپگريڊ ڪيو ويو آهي، اتي ٽيچنگ مٽيريل پڻ مھيا ڪيو ويو آهي جڏهن ته لسبيلا جي شھر اوٿل ۾ قام زرعي يونيورسٽي ۾ واقع واٽر ۽ مرين سائنس جي ليبارٽري پڻ اپگريڊ ڪئي وئي آهي.

قونصل جنرل صوبي جي ٻن ضلعن ۾ معاشي سرگرمي ۽ واڌ کي موثر نموني حاصل ڪرڻ لاءِ ٻوڏ متاثر اسڪولن جي تعمير جو پڻ ذڪر ڪيو. هن چيو ته سال 2010 جي ٻوڏ ۾ جعفرآباد ۽ نصيرآباد ضلعن ۾ متاثرٿيل اسڪولن جي ٻيھر تعمير 6 ملين امريڪي ڊالرن جي ماليت سان ۾ ڪئي وئي آهي.