ڪراچي؛ امريڪي قونصل جنرل برائن هيٿ ڪراچي ۾ ٿيل هڪ تقريب دوران 600 ٻارن ۾ انگلش ايڪسيس اسڪالرشپ جا ايوارڊ ورهايا، امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ جي تعاون سان هلندڙ اھو پروگرام ڪراچي ۾ سوسائٽي فار انٽرنيشنل ايجوڪيشن جي زير انتظام هلي رهيو آهي.
انگلش ايڪسيس اسڪالرشپس ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي قونصل جنرل برائن هيٿ چيو ته ”تعليم ڪاميابي جي ڪنجي آهي. هن انگلش ايڪسيس پروگرام جي ذريعي اسان پاڪستان جي نوجوانن کي سندن ڀرپور صلاحيتون استمعال ڪرڻ ۽ مستقبل ۾ پاڪستان جا اڳواڻ ٿيڻ لاءِ تعاون ڪري رهيا آھيون.“
امريڪي تعاون سان هلندڙ پروگرامن مان ايڪسيس هڪ انتھائي شاندار پروگرام آهي، ڇو ته اهو پروگرام پاڪستان جي هزارين شاگردن کي تعليم پرائڻ جو هڪ منفرد موقعو فراھم ڪري ٿو. هي پروگرام جنهن جو آغاز سيپٽيمبر 2014 کان ٿيو آهي سو آگسٽ 2016 تائين جاري رهندو، ان مان 13 کان 18 سالن جا ٻار فائدو حاصل ڪري رهيا آهن.
انگلش ايڪسيس پروگرام غريب علائقن جي نوجوانن کي انگريزي زبان ۾ مھارت جا بنياد مھيا ڪري ٿو. ان پروگرام هيٺ شاگرد پنهنجي اسڪول ٽائيم کانپوءِ انگريزي ٻولي سکن ٿا ، گرمين جي موڪلن دوران هو ڪيترين ئي سرگرمين ۾ حصو وٺن ٿا ته جيئن مستقبل ۾ سٺي تعليم ۽ روزگار جا سٺا موقعا حاصل ڪري سگھن. امريڪي حڪومت اهو پروگرام سال 2004 ۾ شروع ڪيو هو، تڏهن کان وٺي دنيا جي 85 ملڪن جي هڪ لک شاگردن ان پروگرام مان فائدو حاصل ڪيو آهي.