ڪراچي؛ امريڪن قونصليٽ ڪراچي طرفان قونصل جنرل جي رھائشگاھ تي ڪراچي جي مختلف غريب علائقن مان آيل ٻارن لاءِ فٽ بال ميڄ ۽ سکيا جو اھمتام ڪيو ويو، قونصل جنرل برائن هيٿ پڻ ٻارن سان گڏجي راند ۾ حصو ورتو.
ان موقعي تي ڳالھائيندي قونصل جنرل هيٿ چيو ته ” راندين جي ذريعي هڪ ٽيم طور گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ سکڻ جو هڪ زبردست موقعو ملي ٿو. ٻارن کي هڪ ٻئي سان تعاون ۽ پاڻ ارپڻ جھڙن قدرن کي سيکارڻ جو بھترين رستو پڻ رانديون آهن.
قونصل جنرل چيو ته ”هن اڄوڪي ميچ جي اھتمام ڪرڻ جو مقصد راندين جي ذريعي ٻنھي ملڪن جي ماڻھن جي وچ ۾ بھتر لاڳاپا قائم ڪرڻ آھي. راندين جي ذريعي اھم قدرن خاص ڪري ٻين جو احترام ڪرڻ ۽ ڪميونٽي جي تعمير کي پڻ فروغ ملي ٿو.“
تربيتي ڪيمپ ۽ ميچ ۾ ڪراچي يونائيٽد فٽ بال فائونڊيشن جي ڪوچز 14 کان 17 سالن جي عمر جي ٻارن کي فٽ بال کيڏڻ جي تربيت ڏني، انھن ٻارن جو تعلق ڪراچي جي غريب علائقن سان هو. فٽ بال جي ڪوچز ٻارن کي راند کيڏڻ جا گر سيکاريا. آخر ۾ ميچ پڻ کيڏيوويو جنھن ۾ قونصل جنرل پڻ حصو ورتو. آخر ۾ ٻارن ۾ فٽ بال پڻ ورھايا ويا.