ڪراچي ۾ امريڪي آئس ڪريم ڪيفي جو افتتاح

گروپ جي واڍي ربن

ڪراچي؛ امريڪن قونصل جنرل برائن هيٿ ڪراچي ۾ پھرين امريڪي آئس ڪريم ڪيفي جو افتتاح ڪيو. تقريب ۾  قونصليٽ جا عملدار ۽ آئس ڪريم ڪمپني ڪولڊ اسٽون ڪريمري پاڪستان جي انتظاميه پڻ شرڪت ڪئي.

افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي قونصل جنرل برائن هيٿ چيو ته ”پاڪستان ۽ امريڪا جو ٻه طرفو واپار سال 2012 ۾ وڌي پنج ارب ڊالرن تائين پھتو ۽ امريڪا پاڪستاني برآمادات لاءِ وڏي منڊي آهي، پر ان هوندي به ٻنھي ملڪن جا واپاري لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿي سگھن ٿا، ان ڪري ئي مونکي اڄ هن امريڪي آئس ڪريم ڪيفي جو افتتاح ڪندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي.

قونصل جنرل وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ امريڪي سفارتخاني ۽ قونصل خاني جو هڪ اھو به مقصد آهي ته پاڪستان جي باصلاحيت نوجوانن لاءِ روزگار ۽ ڪاروبار جا موقعا پيدا ڪجن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ خانگي شعبي جو اھم ڪردار گھربل آهي ۽ ان شعبي جي واڌاري لاءِ حڪومت کي اھم سڌارا ڪرڻ جي ضرورت آهي.

وينس پاڪستان لمٽڊ جي صدر عدنان اسد ان موقعي تي ڳالھائيند چيو ته اسان پاڪستان جي ماڻھن کي صرف هڪ زبردست آئس ڪريم مھيا ڪنداسين بلڪه  بھتر خدمت پڻ ڪنداسين. ڪولڊ اسٽون ڪريمري آئس ڪريم  تازو ٺاھيو ويندو آهي ۽ 21 مختلف ذائقن ۾ موجود آهي.

ڪولڊ اسٽون ڪريمري آئس ڪريم هر اسٽور تي تازو ۽ هٿ سان ٺھيل موجود هوندي آهي. ان ڪمپني جو بنياد ايريزونا رياست جي شھر اسڪاٽس ڊيل ۾ آهي، هي ڪمپني ڪھالا برانڊ جي ذيلي ڪمپني آهي. ان ڪمپني پرڏيھ ۾ پنهجي پھرين ڪيفي جپان ۾ 2005 ۾ۡ کولي ۽ هاڻ دنيا جي 26 ملڪن ۾ 300 جاين تي موجود آهي جن ۾ هاڻي پاڪستان پڻ شامل آهي.