روھڙي ۾ امريڪن قونصل جنرل نئين تعمير ڪيل اسڪول جو افتتاح ڪيو

روھڙي:  امريڪي قونصل جنرل گريس شيلٽن ۽ سنڌ جي تعليم جي وزير ڄام مھتاب ڏھر گڏجي روھڙي ڀرسان بيدل بيڪس ڳوٺ ۾ يوايس ايڊ طرفان تعمير ٿيل جديد اسٽيٽ آف آرٽ اسڪول جي عمارت جو افتتاح ڪيو. اھو اسڪول سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام ھيٺ تعمير ڪيو ويو آھي. امريڪي حڪومت طرفان سنڌ صوبي ۾ ھلندڙ 155 ملين ڊالرس جي ماليت سان سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام ھلندڙ سال ۾ اھو ڇھون اسڪول تعمير ڪري مڪمل ڪيو آھي.

14

اسڪول جي افتتاحي تقريب ۾ مقامي اسڪول جي استادن، شاگردن، والدين ۽ ڳوٺاڻن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. اسڪول جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي قونصل جنرل گريس شيلٽن چيو ته امريڪي حڪومت پاڪستان ۾ تعليم جي ميدان ۾ ٿيندڙ پيش قدمين جو ڀرپور ساٿ ڏئي رھي آھي ۽ ھي اڄوڪو اسڪول ان جو مثال آھي. يو ايس ايڊ سنڌ حڪومت جي تعاون سان صوبي ۾ 106 اھڙا اسڪول تعمير ڪري رھيو آھي جتي ٻارن کي بھتر تعليم جو ماحول ملندو ۽ اڳتي ھلي پاڪستان جي معاشي ترقيءَ ۾ پنھجو قردار ادا ڪندا. تعليم جي صوبائي وزير  ڄام مھتاب ڏھرپنھجي خطاب ۾ امريڪي حڪومت جي ڪوششن جي ساراھ ڪندي چيو ته اھڙين ڪوششن سان سنڌ ۾ تعليمي سرشتو جديد تقاضائن کي پورو ڪري رھيو آھي. ھن وڌيڪ چيو ته تعليم سنڌ حڪومت جي سڀ کي وڏي ۽ اھم ترجيح آھي جنھن جي حاصلات لاءِ يو ايس ايڊ اسان جي مدد ڪري رھيو آھي جنھن لاءِ اسان ھنن جا ٿورائتا آھيون. ھن چيو ته يو ايس ايڊ تعليمي سڌارن لاءِ پڻ تعليم کاتي جي مدد ڪري رھيو آھي جنھن ۾ خاص ڪري ايجوڪيشن مينيجمنٽ آرگنائيزيشن جو قيام عمل اچڻ تمام گھڻو اھم آھي ڇو ته ان جي ڪري صوبي ۾ تعليم جو معيار بھتر ٿيندو.

4

امريڪي حڪومت يو ايس ايڊ ذريعي سنڌ صوبي ۾ سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام شروع ڪيو آھي جنھن ھيٺ صوبي ۾ 106 نوان اسڪول تعمير ڪيا ويندا، ۽ ھن وقت 71 اھڙا اسڪول تعمير ھيٺ آھن. ھلندڙ سال دوران پنجن اسڪولن جي تعمير اڳ ئي مڪمل ٿي چڪي آھي جتي تعليم شروع ٿي چڪي آھي. ھن منصوبي جو مک مقصد اسڪولن کان ٻاھر ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ آھي خاص ڪري سنڌ جي ٻھراڙيءَ وارن علائقن ۾ پرائمري، مڊل ۽ ھاءِ اسڪولن ۾ ٻارن جي داخلا ۾ اضافو ڪرڻ آھي.

پاڪستان ۾ يو ايس ايڊ طرفان ھلندڙ ٻين پروگرامن جي تفصيل ڄاڻڻ لاءِ ھن لنڪ تي وڃو!
www.usaid.gov/pakistan