قونصل جنرل سانگھڙ ۾ يو ايس ايڊ جي مڪمل ڪيل منصوبن جودورو ڪيو

ڪلاس روم لھڻ

سانگھڙ: ڪراچي ۾ مقرر امريڪي قونصل جنرل برائن هيٿ سانگھڙ ضلعي ۾ يو ايس ايڊ طرفان مڪمل ڪيل منصوبن جو دورو ڪيو جن ۾ ضلعي هيڊ ڪوارٽر واري اسپتال ۽ خاتون پاڪستان گرلز اسڪول شامل آھن.

ضلعي جي اسپتال جي دوري دوران قونصل جنرل هيٿ چيو ته ” سانگھڙ ضلعي ۾ يو ايس ايڊ طرفان ضلعي ھيڊ ڪوارٽر اسپتال ۾ عورتن لاءِ ليبرروم جي بحالي واري منصوبي جي مڪمل ٿيڻ تي مونکي خوشي ٿي رھي آھي. هي منصوبو سنڌ صوبي ۾ يو ايس ايڊ جي ھلندڙ پروگرام ماءُ ۽ ٻار جي صحت واري پروگرام جو حصو آھي. ايم سي ايڇ جي هن پروگرام هيٺ يو ايس ايڊ پنھجي پارٽنر جھپيگو سان گڏ سنڌ حڪومت سان ملي ڪري صوبي جي پندرھن ضلعن ۾ ڪم ڪري رھيو آھي.

گروپ شاٽ

قونصل جنرل برائن هيٿ جي اسپتال اچڻ تي کيس ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر آفتاب سومرو ڀليڪار ڪيو ۽ ساڻس دوري دوران اسپتال جو ايم ايس طاھر اقبال ڪليار گڏ هيو. قونصل جنرل هيٿ چيو ته يو ايس ايڊ جي هنن منصوبن جي ڪري اسين پاڪستان ۾ سالانه سوين ماڻھن جون زندگيون بچائي رھيا آھيون.

قونصل جنرل هيٿ چيو ته هن منصوبي هيٺ يو ايس ايڊ 1165 ليڊي هيلٿ ورڪرن کي ريفريشر تربيتي ڪورس مڪمل ڪرايو آھي ۽ ٻھراڙيءَ جي علائقن ۾ ڪم ڪندڙ 12 داين کي پڻ تربيت ڏني آھي. يو ايس ايڊ پنھجي ميٽرنل ۽ چائلڊ هيلٿ پروگرام هيٺ صحت کاتي سان گڏجي رت جي ڏي وٺ جي خدمتن کي بھتر بڻايو آھي ۽ انساني وسيلن جي کوٽ ۾ پڻ سڌارو آندو آھي.

سانگھڙ جي هيءَ ضلعي اسپتال 1966 ۾ شروع ٿي جيڪا 200 بسترن تي ٻڌل آھي جنھن ۾ عوام کي 24 ڪلاڪ صحت جون صحولتن ڏنيون وڃن ٿيون. هن اسپتال ۾ 12 بسترن تي ٻڌل عورتن جو وارڊ پڻ شامل آھي، جيڪو مقامي آباديءَ کي ٻارن جي صحت کان وٺي حفاظتي ٽڪا، فيملي پلاننگ ۽ ڊليوري جون صحولتون ڏئي رھيو آھي.

سانگھڙ جي دوري دوران قونصل جنرل برائن هيٿ خاتون پاڪستان گرلز اسڪول جو دورو پڻ ڪيو. يو ايس ايڊ سال 2011 ۾ ٿيل شديد برساتن جي ڪري متاثر ٿيل اسڪولن جي بحالي ۾ پڻ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. اسڪولن جي ان بحالي جي پروگرام هيٺ يو ايس ايڊ ميرپورخاص، سانگھڙ، عمرڪوٽ، ٽنڊو الھيار ۽ بلوچستان جي جعفرآباد ۽ نصيرآباد ضلعن ۾ 36 اسڪولن جي تعمير ۽ بحالي جو ڪم ڪيو.تعليم جي شعبي ۾ ھن پروگرام ذريعي ڏھ ھزار شاگردن کي فائدو پھتو، جيڪڏھن يو ايس ايڊ انھن اسڪولن جي تعمير يا بحالي جو ڪم نه ڪري ھا ته اھي ٻار اسڪول نه وڃي سگھن ھان. خاتون پاڪستان اسڪول جي دوري دوران اسڪول جي هيڊ ٽيچر مختيار بانو ۽ اسڪول مينيجمنٽ ڪميٽي جي چيئرمين رسول بخش ملاح قونصل جنرل کي اسڪول جو دورو ڪرايو.

پاڪستان ۾ يو ايس ايڊ جي ھلندڙ پروگرامن بابت وڌيڪ تفصيل لاءِ هن ويب سائيٽ تي وڃو.
www.usaid.org/pk