امريڪن قونصليٽ طرفان 400 وڌيڪ ٻارن کي انگريزي زبان سکڻ لاءِ اسڪالرشپ ڏيڻ جو اعلان

گروپ شاٽ

ڪراچي؛ امريڪي قونصل جنرل برائن هيٿ انگلش ايڪسس مائڪرو اسڪالرشپ پروگرام هيٺ وڌيڪ 400 ٻارن کي شامل ٿيڻ تي خوش آمديد چيو. ڪراچي ۾ ٿيل هڪ تقريب ۾ سڀني ٻارن شرڪت ڪئي جن ۾ قونصل جرنل اسڪالرشپ جا ايوارڊ ورھايا. 400 وڌيڪ ٻارن لاءِ شروع ٿيل اھو پروگرام آءِرن پاڪستان هلائي رهيو آهي، اداري جي سربراھ فراح ڪمال پڻ ان موقعي تي موجود هئي.

ان پروگرام جو حصو ٿيندڙ 400 ٻارن کي خطاب ڪندي قونصل جنرال برائن هيٿ چيو ته ” مان جڏهڻ کان پاڪستان آيو آهيان هي اھڙي ٽين تقريب آهي جنھن ۾ وڌيڪ ٻارن کي شامل ڪيو ويو آهي، هن پروگرام جو افتتاح ڪندي مونکي تمام گھڻي خوشي ٿي رھي آهي. اوهان کي اھو ٻڌائيندي خوشي محسوس ڪري رهيو آھيان ته هاڻي ڪراچي ۾ ان اسڪالرشپ پروگرام هيٺ  ٻارن جو تعداد 1200 کان به وڌيڪ آهي، هن پروگرام ذريعي ٻارن کي پنهجو مستقبل ۽ زندگيون تبديل ڪرڻ جو موقعو ملي رھيو آهي.“

قونصل جنرل هيٿ وڌيڪ چيو ته ” هن پروگرام ذريعي ٻارن کي نه صرف انگريزي زبان سکڻ جو موقعو ملندو بلڪه هنن ۾ اڳواڻيءَ جون صلاحيتون، سمجھ ۽ سوچ پڻ پيدا ٿيندي. ٻن سالن جي مدي واري هن پروگرام ذريعي ٻارن کي پنھنجي علائقن ۾ سماجي ڪم ڪرڻ جو تجربو پڻ حاصل ٿيندو، سندن ڪردار جي تعمير سان گڏ ڳالھائڻ جو فن پڻ سيکاريو ويندو.

هن وڌيڪ چيو ته هن پروگرام ذريعي ٻارن کي نئين معلومات ۽ خيالن سان ڳنڊيو ويندو ته جيئن هو انھن جي ذريعي پاڻ هڪ اھل شھري ۽ پاڪستانيءَ جي حيثيت سان  هن ملڪ، پنهجن خاندانن ۽ پنهجي ذات لاءِ دنيا ۾ بھتر جاءِ پيدا ڪري سگھن.

هنن 400 ٻارن انگريزي زبان جي سکيا جو پروگرام نومبر 2014 کان شروع ڪري ڇڏيو آهي. امريڪي حڪومت دنيا جو سڀ کان وڏو انگريزي زبان جي سکيا جو پروگرام پاڪستان ۾ هلائي رهي آهي، 14 کان 18 سالن جي عمر جي پنج هزار شاگردن، جن جو وڏو تعداد هيٺئين ڪلاس مان هجي ٿو، کي اھا مائڪرو اسڪالرشپس ڏني وئي آهي. ان پروگرام هيٺ شاگردن پنهنجي اسڪول ٽائيم کانپوءِ انگريزي ٻولي سکن ٿا ، گرمين جي موڪلن دوران هو ڪيترين ئي سرگرمين ۾ حصو وٺن ٿا ته جيئن مستقبل  ۾ سٺي تعليم ۽ روزگار جا سٺا موقعا حاصل ڪري سگھن. امريڪي حڪومت اهو پروگرام سال 2004 ۾ شروع ڪيو هو، تڏهن کان وٺي دنيا جي 85 ملڪن جي هڪ لک شاگردن ان پروگرام مان فائدو حاصل ڪيو آهي.