ڊينئل پرل جي نالي سان منسوب ڪيل موسيقيءَ جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان امريڪي قونصل جنرل جي ڪراچيءَ ۾ موجود رهائش گاهه تي موسيقيءَ جي هڪ تقريب منعقد ٿي. ان موقعي تي موسيقيءَ سان چاهه رکندڙ 600 مردن توڙي عورتن شرڪت ڪري ڊينئل پرل جي نالي منسوب ٿيل ان ڏينهن کي ملهايو. موسيقيءَ جي ان محفل ۾ مک شخصيت امريڪا جو ناليوارو سيڪسافون و ڄائيندڙ لي ريڊفيلڊ هو، ۽ نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽ (ناپا) جي موسيقارن جي گروپ به حصو ورتو، جنهن کان پوءِ موسيقيءَ جي مقامي بينڊ ”راهي“ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.
ان موقعي تي امريڪي قونصل جنرل برائن هيٿ چيو ته، ”ڊينئل پرل ورلڊ ميوزڪ ڊي هڪ صحافي ۽ هڪ موسيقار طور تي ڊينئل پرل جي ڪم ۽ زندگيءَ کي مڃتا ڏيڻ لاءِ ملهايو ويندو آهي.“ هن چيو ته، ”اڄوڪي هيءَ تقريب انهن ٻين ڪيترين ئي تقريبن مان هڪ تقريب آهي، جيڪي هن مهيني ۾ سموري دنيا اندر ڊينئل پرل کي مڃتا ڏيڻ لاءِ ملهايو پيون وڃن. ان سان اهڙن خيالن جي تجديد ٿئي ٿي ته اسان عالمي دوستي ۽ عالمي ايڪي ۾ يقين رکون ٿا.“
”ڊينئل پرل سادي نموني سان فقط پنهنجي قلم ذريعي مختلف ثقافتن جي قبوليت واري ڪم کي فروغ ڏنو.“ محترم هيٿ وڌيڪ چيو ته، ”مون کي يقين آهي ته ڊينئل پرل اڄوڪي رات جي هيءَ موسيقيءَ واري محفل ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو هوندو. ڊينئل پرل جي زندگيءَ کي مڃتا ڏيڻ توڙي مختلف ثقافتن کي سمجهڻ لاءِ موسيقي ئي هڪ بهتر دڳ آهي.“
محترم برائن چيو ته، ”ڊينئل پرل جهڙا صحافي اڪثر پنهنجي زندگيءَ کي خطري ۾ وجهي جمهوريت جي فروغ ۽ ماڻهن جي هڪٻئي لاءِ پرامن قبوليت خاطر ڪم ڪندا رهن ٿا، توڙي جو ويجهي تاريخ ۾ هاڻوڪا ڏينهن صحافين لاءِ تمام گهڻا خطرناڪ آهن. ڊينئل پرل سان گڏو گڏ اڄوڪي رات اسان انهن سمورن صحافين کي به خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، جن پنهنجا فرض نڀائيندي زندگيون ارپي ڇڏيون.“
تقريب ۾ شريڪ موسيقارن مان لي ريڊفيلڊ آسٽن جي يونيورسٽي آف ٽيڪساس ۽ نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽ (ناپا) درميان ٽن سالن واري ٿيل شراڪتداريءَ جي سلسلي ۾ ڪراچيءَ جي دوري تي آيل آهي. جڏهن ته ”راهي“ ميوزيڪل بينڊ سان لاڳاپيل ٻن موسيقارن کي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ پاران مٽا سٽا واري پروگرام هيٺ امريڪا موڪليو ويو هو. 2012ع ۾ ڊرمر لوئيس ”گمبي“ پنٽو ”سينٽر اسٽيج آرٽسٽ“ پروگرام جو حصو بڻيو هو، جڏهن ته ڳائڻو احسن باري انٽرنيشنل وزيٽرس ليڊرشپ پروگرام (آءِ وي ايل پي) تحت امريڪا جو دورو ڪيو هو، جنهن جو عنوان ”فن جي ذريعي سماجي چڱائين جو فروغ“ هو.
”ڊينئل پرل انٽرنيشنل ميوزڪ ڊي“ موسيقيءَ جي اهڙن پروگرامن جو ڳانڍاپو آهي، جيڪي آڪٽوبر جي مهيني ۾ سموري دنيا اندر ڊينئل پرل جي ياد ۾ منعقد ڪيا ويندا آهن. ”ڊينئل پرل انٽرنيشنل ميوزڪ ڊي“ جو عنوان ”انسانيت لاءِ ايڪو“ آهي. ان سان برداشت کي فروغ ملي ٿو، ۽ موسيقيءَ جي طاقت سان عقيدي جي بنياد تي پيدا ٿيل اختلافن جو خاتمو ٿئي ٿو.