ڪراچي: امريڪن قونصل خاني ڪراچي طرفان قونصل جنرل برائن هيٿ جي رھائش گاھ تي سنڌ جي ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان هڪ موسيقيءَ جي تقريب جو اھتمام ڪيو ويو. گذريل ٽن سالن کان قونصل خانو سنڌ جي ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان ھر سال تقريب جو اھتمام ڪري رھيو آھي. قونصل جنرل پنھجي گھرتي آيل مھمانن کي ڀليڪار چيو جيڪي سنڌي ثقافت جي امير ورثي کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ گڏ ٿيا ھئا .
ان موقعي تي تقريب ۾ سنڌ جي مشھور لوڪ فنڪار ذولفقار فقير پنھجي منفرد ساز بوڙينڊي سان ڪيترن ئي مشھور ڪلامن تي ڌنون وڄايون ۽ سرن جا الاپ وکيريا. قونصل جنرل برائن هيٿ پنھجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو ته اسان کي سنڌ جو ثقافتي ڏينھن ملھائي تمام گھڻي خوشي ٿي رھي آھي، پاڪستان جيان اسان جي ملڪ امريڪا ۾ پڻ ڪيترين ئي ثقافتن جا ماڻھو رھن ٿا. اسان انھن منفرد ثقافتن جو قدر ڪندا آھيون جيڪي حقيقت ۾ اسان جي سماج کي وڌيڪ امير بڻائين ٿيون ، ۽ اڄ اسين سنڌ جي ماڻھن جي ثقافتي حاصلاتن جي مڃتا لاءِ گڏ ٿيا آھيون.
قونصل جنرل وڌيڪ چيو ته موئن جي دڙي جي دور کان وٺي سنڌ صوفين، شاعرن ۽ درويشن جو خطو رھي آھي. قونصل جنرل هيٿ امريڪي حڪومت ۽ عوام طرفان پاڪستان ۽ دنيا ۾ رھندڙ 6 ڪروڙ سنڌي ڳالھائيندڙ ماڻھن کي سنڌ جي ثقافتي ڏينھن تي مبارڪباد ڏني.
سال 2009 کان وٺي سنڌ جو ثقافتي ڏينھن ھر سال ڊسمبر جي پھرين آچر تي ملھايو ويندو آھي. پر هن سال ڪراچي ۾ مقامي چونڊون ٿيڻ جي ڪري هن ڏينھن کي هڪ ھفتو اڳتي ڪيو ويو.
ھلندڙ سال ۾ امريڪي قونصل خاني پھريون ڀيرو سنڌي ٻوليءَ ۾ پنھجي ويب سائيٽ جو افتتاح به ڪيو هو. اھا ويب سائيٽ اوھان هن ائڊريس تي ڏسي سگھو ٿا
ان سان گڏ قونصل خانو فيس بڪ ۽ ٽوئٽر تي به سنڌ ٻوليءَ جو استعمال ڪندو رھي ٿو.