مارٽن لوٿر ڪنگ جونيئر جو ڏينھن ڪراچي ۾ ملھايو ويو

گروپ شاٽ

ڪراچي؛ امريڪي قونصل جنرل برائن هيٿ  ٻارن سان گڏجي مارٽن لوٿر ڪنگ جونيئر جو ڏينھن ڪراچي ۾ ملھايو. ان حوالي سان امريڪن ڪلچرل سينٽر ۾  هڪ تقريب  جو اھتمام ڪيو ويو جنهن ۾ انگلش ايڪسيس پروگرام جي 100 ٻارن شرڪت ڪئي. ٻارن کي مارٽن لوٿر جي تاريخي شاھڪار تقرير ”مون وٽ هڪ خواب آهي“  جي وڊيو ڏيکاري وئي ۽ بعد ۾ ان موضوع تي تقريري مقابلي جو اھتمام ڪيو ويو. تقريب ۾ انگلش ايڪسيس پروگرام هلائيندڙ اداري اووليوشن جي سربراھ  سدرا نياز، امريڪي ڪلچرل سينٽر جي صدر فھيم مل والا، مرڪز جي اڳوڻي صدر رفيق تاباني ۽ سينٽر جي انگريزي زبان جي ڊائريڪٽر مديحه رحمان پڻ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي خطاب ڪندي قونصل جرنل برائن هيٿ چيو ته ” مارٽن لوٿر ڪنگ هڪ اھڙو اتسھائيندڙ فرد ھو جنهن پنهجي زندگي پرامن تبديلي لاءِ وقف ڪري ڇڏي. هن جو سڀني لاءِ هڪ بھتر دنيا جو خواب هو، هن زبردست قدرن کي عام ڪيو جن ۾ محبت، همت، سچائي، انصاف ۽ خدمت شامل آهن. پنهجي وين ۽ اڳواڻي جي ذريعي هن امريڪا کي ھميشه لاءِ  هڪ اھڙي معاشري ۾  تبديل ڪري ڇڏيو  جنهن ۾ سڀني  لاءِ وڌ کان وڌ برابري هجي. “

برائن هيٿ وڌيڪ چيو ته ”اڄوڪو ڏينھن اسان کي گڏ ٿي هڪ آواز بڻجي امن، برداشت، سھپ، عدم تشدد جھڙن قدرن کي عام ڪرڻ جو سبق سيکاري ٿو۽ اھي مقصد مارٽن لوٿر ڪنگ کي ڏاڍا پيارا هئا. هن جي تصور ۾ هڪ اھڙي دنيا هئي جنھن ۾ ماڻھو ۽ قومون غربت کان آزاد هجن، نسل پرستي، جنگ ۽ تشدد موجود نه هجي، ۽ ڊاڪٽر لوٿر ڪنگ جي هنن لفظن سڄي دنيا کي اتسھايو ته ”ماڻھن جي وچ ۾  پل جو ڪردار ادا ڪيو کين جوڙيو ۽ امن جي پيغام کي عام ڪيو“.

مارٽن لوٿر ڪنگ جي ڏينھن تي امريڪا ۾ عام موڪل هوندي آهي ھر سال جنوري جي ٽين سومر جي ڏھاڙي سندس ياد ۾ تقريبون منعقد ڪيون وينديون آهن، ڪنگ لوٿر جي ڄمڻ جو ڏينھن جنوري 15 آهي. شھري حقن لاءِ پرامن جدوجھد جي ذريعي ڪنگ لوٿر امريڪا جي رياستي توڙي وفاقي قانونن مان نسل پرستي جي بنياد ۽ مت ڀيد جو خاتمو آندو.

پروگرام ۾  شريڪ ٻار امريڪي حڪومت جي تعاون سان ٻن سالن جي مدي واري انگلش ايڪسس اسڪالر شپ پروگرام هيٺ انگريزي زبان سکي رھيا آهن.