مڇيءَ جي پيداوار وڌائڻ لاءِ هدايتن تي ٻڌل ڪتاب جو افتتاح

گروپ شاٽ

ڪراچي؛ امريڪا جي  زراعت واري کاتي ۽ امريڪن سوبين ايسوسيئيشن گڏجي سنڌ ۾ مڇيءَ جي پيداوار وڌائڻ ۽ ڪاروبار ڪندڙ آبادي جي آمدني ۾ وادارو آڻڻ لاءِ هڪ هينڊ بڪ جاري ڪيو آهي جنهن جو مقصد مڇيءَ جي فارمنگ کي عام ڪرڻ غذا جي مسئلي کي تفصيل سان زيربحث آندو ويو آهي. پاڪستان ۽ امريڪا جي سائنسدانن گڏجي ان موضوع تي تحقيق ڪئي آهي ته جيئن مڇيءَ جي پيداوار وڌائي سگھجي ۽ آبادگارن جي آمدين ۾ اضافو ڪري سگھجي، خاص ڪري ان مڇيءَ جي فارمنگ جو انتظام بھتر ان ۾ شامل آهي.

ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ اڪئا ڪلچر بابت پڌرو ڪيل ڪتاب جي رونمائي واري تقريب ۾ امريڪي قونصل جنرل برائن هيٿ، فشريز کاتي جي سنڌ جي  وزير ڄام خان شورو، فشريز ڊولمپمنٽ بورڊ جي سي ئي او فيصل افتخار،يو ايس ڊي اي جي پروجيڪٽ  مينيجر اوٽو گونزاليز، اڪئا ڪلرچر هينڊبڪ جي ايڊيٽر ڊاڪٽر ڪيون فٽزسئمنس ۽ اميريڪن سوبين ايسوسيئيشن جي ڪنٽري ڊائريڪٽر آر ايس اين جنجوئه شرڪت ڪئي.

ان ۾ موقعي تي خطاب ڪندي قونصل جنرل برائن هيٿ چيو ته ”مڇيءَ جي پيداوار فارمنگ ذريعي وڌائي ماڻھن کي سستي قيمت تي مھيا ڪري سگھجي ٿي، اھڙي فارمنگ جي ذريعي پاڪستان ۾ ماڻھن جي آمدني ۾ پڻ اضافو ڪري سگھجي ٿو.  قونصل جنرل هيٿ وڌيڪ چيو ته امريڪا پاڪستان جي آبادگارن کي پاڻيءَ جي وڌيڪ موثر استعمال بابت تربيت ڏئي رھيو آهي، فش جي فيڊ جي پيداوار ۽ ڊمانڊ پڻ پيدا ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رھيو آهي. ان سان گڏ فارمنگ جي ذريعي مڇيءَ جي پيداوار تي وڌيڪ زور ڏنو پيو وڃي جنھن سان پاڪستان جي وڌندڙ آبادي لاءِ پروٽين جي دستيابي ممڪن ٿي سگھندي.“

امريڪا جو زراعت کاتو سال 2011 کان وٺي اڪئا پروجيڪٽ هيٺ پاڪستان جي سوين آبادگارن جي سيمينار جي ذريعي تربيعت ڪري چڪو آهي. امريڪا ۽ پاڪستان جي سائنسدانن گڏجي مڇيءَ جي فيڊ جي پيداوار تي ڪم ڪيو آهي، سوبين جي استعمال سان بھتر معيار جي فيڊ تيار ڪئي آهي جيڪا آبادگارن لاءِ فش فارم لاءِ دستياب آهي.

امريڪا جي زراعت کاتي ۽ يو ايس ايڊ پنهجن منصوبن ذريعي آبادگارن جي آمدني ۾ اضافو ڪرڻ ، فصلن کي بيمارين کان بچائڻ، ٽيڪنالاجي جي مٽاسٽا، شين کي منڊيءَ تائين رسائي جا گر سيکارڻ ۽ پاڻيءَ جي موثر استعمال وغيره تي ڪم ڪيو آهي.