-ڪراچي: امريڪي قونصل جنرل گريس شيلٽن ٺٽي ۾ واقع عالمي ورثي واري ماڳ مڪلي جي قبرستان جو دورو ڪيو جتي تاريخي ماڳن جي حفاظت لاءِ امريڪي حڪومت جي مالي تعاون سان پروگرام ھلي رھيو آھي. قونصل جنرل سلطان ابراھيم ۽ امير سلطان محمد جي مزارن تي ھلندڙ ڪم جو جائزو ورتو. ٺٽي جي انھن تاريخي ماڳن جي نه صرف پاڪستان بلڪه دنيا لاءِ پڻ تمام گھڻي اھميت آھي، جن جي تحفظ لاءِ امريڪي حڪومت امبئسڊر فنڊ فار ڪلچرل پرسرويشن ھيٺ ڪم رھي آھي
ان موقعي تي ڳالھائيندي قونصل جنرل شيلٽن چيو ته ثقافتي ماڳن جي بچاءَ ۽ تحفظ وارو پروگرام امريڪا ۽ پاڪستان جي تعلقاتن ۾ اھم حيثيت رکي ٿو. انھن تاريخي ماڳن جي تحفظ لاءِ ھلندڙ ڪم ثابت ڪري ٿو ته امريڪا پاڪستان جي عظي تاريخي ماڳن جو احترام ڪري ٿو.
مڪلي ۾ واقع انھن ٻن 400 سال قديم تاريخي مقبرن جي بچاءَ ۽ بحاليءَ جو ڪم ٻه ڪروڙ ستر لک روپين جي ماليت سان جاري آھي. سنڌ صوبي ۾ امريڪي حڪومت اھڙن ٻن منصوبن تي ڪم ڪري رھي آھي جن ۾ منوڙي واري ٻيٽ تي واقع ورون ديو مندر پڻ شامل آھي جنھن تي ٻه ڪروڙ 60 لک روپين جي ماليت سان بحالي جو ڪم ھلندڙ آھي.
ائمبسڊر فنڊ فار ڪلچرل پرزرويشن ثقافتي ۽ تاريخي ماڳن جي تحفظ لاءِ استعمال ٿيندو آھي ته جيئن زبون حال ورثي کي بچائي سگھجي. اھو پروگرام دنيا جي ھڪ سو ملڪن ۾ ھلي رھيو آھي. ان منصوبي ھيٺ قديم ۽ تاريخي جاين کي محفوظ بڻايو ويندو آھي، ان فنڊ ذريعي قديم اصلوڪين ٻولين، ختم ٿيندڙ روايتي ھنرن ۽ اھم ماڳن کي سنڀالڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آھي.