ڪراچي؛ امريڪي قونصليٽ جنرل پاڪستان جي سافٽ ويئرهائوس تنظيم پاشا سان گڏجي ٽيڪنالاجي دنيا جي وڏن ادارن گوگل ۽ سيمسنگ سان گڏجي ٽيڪنالاجي جي منصوبن ۾ تعاون جي پروگرام جو افتتاح ڪراچي ۾ ٿيو ڪندا، ان پروگرام کي نيسٽ آءِ او چيو پيو وڃي جيڪو نئين ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ هڪ دلچسپ پروگرام هوندو. 1.4 ملين ڊالرس جي سيڙپ سان امريڪي حڪومت، سيمسنگ ۽ گوگل گڏجي ان پروگرام جو آغاز ڪيو آهي. نيسٽ آءِ او گوگل جي مدد سان دنيا جي 28 ٽيڪنالاجي مرڪزن سان ڳنڍيو ويندو.
ان ٽيڪنالاجي جي افتتاحي تقريب ۾ پاشا سافٽ ويئر ايسوسيئيشن جي صدر جھان آرا ، گوگل جي پاليسي سربراھ اين ليون، سيمسنگ جي مينيجنگ ڊائريڪٽر جي ايڇ لي ۽ قونصل جنرل برائن هيٿ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي ڳالھائيندي قونصل جنرل برائن هيٿ چيو ته ” نوان ڪاروبار ڪرڻ جو اتساھ ۽ مقابلو ڪرڻ جو جذبو معاشي واڌ لاءِ وڏي اھميت رکن ٿا. هن چيو ته امريڪا ۾ 95 سيڪڙو نوڪريون نيون ڪمپنيون پيدا ڪن ٿيون، حقيقت ته اھا آهي 66 سيڪڙو نوڪريون اھڙين ڪمپنيون پيدا ڪن ٿيون جن جي عمر هڪ کان پنج سال آهي. ان ڪري ئي پاشا سافٽ ويئر جھڙيون نيون پيش قدميون اھم آهن ڇو ته ان سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. “
قونصل جنرل هيٿ جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان ۾ روزگار جي موقعا پيدا ڪرڻ ۽ نون ڪاروبارن جي همت افزائي ڪرڻ امريڪي حڪومت طرفان هلندڙ پروگرام خوشحالي ڪا سفر جوحصو آهي جنهن هيٺ پاڪستاني حڪومت جي تعاون سان روزگار جا وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ نوان ڪاروبار ڪندڙن جي رهمنائي ۽ تربيت ڪئي پئي وڃي.
يو ايس ايڊ جي هلندڙ پروگرام پاڪستان پراوئيٽ انويسٽمنٽ انيشيٽو جو ذڪر ڪندي قونصل جرنل چيو ته پاڪستان ۾ ننڍا ۽ وچولا ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ ٽن خانگي ادارن گڏجي هڪ سو ملين ڊارلس جو فنڊ قائم ڪيو آهي، ان کان علاوه يو ايس ايڊ 500 عورتن کي ننڍي پئماني تي روزگار ڪرائڻ لاءِسندن رهنمائي ۽ تربيت ڪئي پئي وڃي. اسان کي پڪ آهي ته شروع ڪيل اھي پروگرام معاشي واڌ ۽ روزگار جا وڌيڪ موقعا پيدا ڪندا.
پاشا پاڪستان ۾ سافٽ ويئر جي صنعت کي فروغ ۽ حفاظت ڪرڻ لاءِ قائم ٿيل آهي، پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ واپار جو اھو هڪ مک ادارو آهي.