صاف توانائي جي منصوبن لاءِ يو ايس ايڊ طرفان پاڪستاني بئنڪن سان 15 سالا معاھدو

ڪراچي: يو ايس ايڊ طرفان پاڪستان ۾ صاف توانائي جا منصوبه شروع ڪرڻ لاءِ  88 ملين ڊالرس جا قرض ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي پنجن بئنڪن سان ھڪ 15 سالا معاھدي تي صحيحيون ڪيون. انھن بئنڪن ۾ حبيب بئنڪ، ايم سي بي، فيصل بئنڪ، ميزان بئنڪ ۽ جي ايس بئنڪ شامل آھن. معاھدي تي صحيحن واري تقريب قونصل جنرل گريس شيلٽن جي رھائش گاھ تي سندس صدارت ۾  ٿي.

img_0755

ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي يو ايس ايڊ جي پاڪستان ۽ افغانستان لاءِ مقرر اسسٽنٽ سربراھ وليم ھامنڪ چيو ته پاڪستاني خانگي بئنڪن سان صاف توانائي کي فروغ ڏيڻ لاءِ ھن معاھدي ڪرڻ تي اسان کي تمام گھڻي خوشي ٿي آھي ۽ اھو تمام اھم منصوبو آھي. ھن چيو ته ھن معاھدي ھيٺ ننڊي سطح جا صاف توانائيءَ جا اھڙا منصوبه شروع ڪيا ويندا جن جو اثر ديرپا ھوندو ۽ جن لاءِ پاڪستاني روپئي ۾ مالي قرض مھيا ڪيا ويندا. ھن معاھدي ھيٺ صاف توانائي جي پيداوار ۾ خانگي شعبي جي ھمت افزائي ٿيندي ۽ ادارن توڙي فردن کي قرضن جي صحولت مھيا ٿيندي.

يوايس ايڊ ۽ پاڪستان جي خانگي بئنڪن جي وچ ۾ طع ٿيل معاھدي ھيٺ 88 ملين ڊالرس تائين جا قرض 15 سالن تائين ڏنا ويندا ته جيئن پاڪستان ۾ توانائي جي شعبي ۾ سيڙ پڪاريءَ جي حوصلا افزائي ڪري سگھجي. ھن معاھدي ھيٺ پاڪستاني بئنڪون نه صرف ادارن، فردن، خاندانن ۽ بلڪه ڪاروباري ڪمپنين کي پڻ قرض ڏئي سگھنديون ته جيئن ھو صاف توانائي جا اوزار ۽ ضروري شيون خريد ڪري سگھن.

پاڪستان ۽ امريڪا ھڪ ٻئي سان توانائيءَ ۾ اضافي لاءِ تعاون ڪري رھيا آھن، جنھن بابت ٻنھي ملڪن جو ھڪ ورڪنگ گروپ پڻ ٺھيل آھي. وزير اعظم نواز شريف جي سال 2015 ۾ امريڪا جي دوري دوران امريڪي صدر باراڪ اوباما يو ايس پاڪستان ڪلين انرجي پارٽنرشپ جو اعلان ڪيو ھو، جنھن تحت پاڪستان ۾ توانائي جي پيداوار ۾ واڌارو ڪرڻ ، پاڪستان جي قومي گرڊ تائين ان جي رسائي، بجليءَ جي روھاست کي بھتر بنائڻ، بلن جي اوڳاڙيءَ کي موثر ڪرڻ ۽ پاليسين ۾ سڌارا آڻڻ شامل آھي.