امريڪي قونصل جنرل جو اسرا يونيورسٽيءَ جي شاگردن کي خطاب

حيدرآباد: امريڪي قونصل جنرل برائين هيٿ حيدرآباد جي اسرا يونيورسٽيءَ جو دورو ڪيو. جتي ان يونيورسٽيءَ ۾ قائم ”بزنيس ايڊمنسٽريشن ايند مئنيجمينٽ سائنسز“ شعبي ۾ گريجوئيشن ڪندڙ 70 شاگردن ۽ استادن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. يونيورسٽيءَ جي چانسلر اسد الله قاضي، پرو- وائيس چانسلر حميد الله قاضي ۽ پروفيسر قمرالدين مهر پاران قونصل جنرل جي آجيان ڪئي وئي.

ان موقعي تي برائين هيٿ چيو ته، ”اسرا يونيورسٽي ۽ بال اسٽيٽ يونيورسٽي جي ٽن سالن واري شراڪتداريءَ وارن مثبت نتيجن کي حقيقي انداز ۾ ڏسي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي رهي آهي.“ هن وڌيڪ چيو ته، ”پاڪستان ۾ تعليمي ترقيءَ لاءِ امريڪا دل سان ان جي مدد ڪري رهيو آهي، ۽ اهڙين ڪوششن ۾ اسان جي يونيورسٽين سان شراڪتداري سرفهرست آهي.“

اسرا يونيورسٽيءَ سان شراڪتداري سنڌ صوبي ۾ امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جو پهريون مالي سهڪار آهي. انهيءَ شراڪتداريءَ جو مقصد واپار، مارڪيٽنگ، ماليات، انتظام ڪاري ۽ اطلاعات واري نظام جون صلاحيتون وڌائڻ هو. انهيءَ سان گڏ شاگردن توڙي استادن جي مٽا سٽا، نصاب جي جوڙجڪ ۽ گڏيل تحقيق توڙي تربيت ڪرڻ جو موقعو به فراهم ڪيو ويو. سڀ کان مک ڳالهه اها هئي، جو انهيءَ پروگرام تحت واپار بابت هڪ بين الاقوامي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي هئي.”واپار ۽ سماجي ترقيءَ لاءِ جدت“ واري موضوع تي ٿيل اها ڪانفرنس 16 ۽ 17  مارچ 2015ع تي منعقد ٿي هئي.

پاڪستان ۾ تعليمي ترقيءَ کي قونصل جنرل برائين هيٿ وڌيڪ واضح ڪيو. محترم هيٿ موجب امريڪا پاران لاهور يونيورسٽي آف مئنيجمينٽ سائنسز، انسٽيٽيوٽ آف بزنيس ايڊمنسٽريشن ڪراچي ۽ زرعي يونيورسٽي فيصل آباد سان پڻ مالي سهڪار ڪيو ويو آهي. محترم برائين هيٿ موجب، امريڪا ”سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام“ لاءِ پڻ مالي مدد فراهم ڪري رهيو آهي. محترم برائين چيو ته، ”2011ع کان بين الاقوامي ترقيءَ جو امريڪي ادارو (يو ايس ايڊ) سنڌ سرڪار کي 155 ملين ڊالرز ڏئي چڪو آهي ته جيئن سموري صوبي جي پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري اسڪولن ۾ ٻارن جي داخلا واري انگ ۾ اضافو ٿي سگهي.“ هن وڌيڪ چيو ته، ”اسان صوبي ۾ وڌيڪ 120 اسڪولن جي نئين سر تعمير ڪري رهيا آهيون. گڏو گڏ 750000 ٻارن کي ”ريڊنگ پروگرام“ هيٺ ”پڙهڻ“  جي سکيا ڏئي رهيا آهيون.“ هن چيو ته ان جو مقصد اهو آهي ته 100000 (هڪ لک) نياڻيون اسڪول ۾ داخل ڪجن. حتمي طور تي ترقيءَ جي بين االاقوامي اداري (يو ايس ايڊ) ”ريڊنگ پروگرام“ ۾ 160 ملين ڊالرز جي سيڙپڪاري ڪئي آهي ته جيئن پاڪستان جي هڪ ملين (10 لک) ٻارن ۾ پڙهائي ڪرڻ واري صلاحيت کي وڌائي سگهجي.

امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي مٽا سٽا توڙي تعليمي ۽ ثقافتي پروگرامن بابت وڌيڪ معلومات لاءِwww.eca.state.gov تي اچو. پاڪستان ۾ بين الاقوامي ترقيءَ جي امريڪي اداري (يو ايس ايڊ) بابت وڌيڪ ڄاڻ لاءِ مهرباني ڪري هن ويب سائيٽ www.usaid.gov/pakistanتي اچو.