ڀٽ شاھ : ڪراچي ۾ مقرر امريڪي قونصل جنرل برائن ھيٿ ڀٽ شاھ جي دوري دوران شاھ لطيف جي مزار تي گلن جي چادر چاڙھي سنڌي ٻولي جي شاعر کي خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي ڳالھائيندي قونصل جنرل چيو ته شاھ لطيف جي شاعري سھپ ۽ رواداري جو درس ڏئي ٿي. هن چيو ته شاھ لطيف جو سڄي دنيا لاءِ پيار جو پيغام اتساھيندڙ آھي. قونصل جنرل وفد سان گڏ سنڌ جي مختلف ضلعن جو دورو ڪري رھيو آھي.
قونصل جنرل چيو ته پاڪستان جي ثقافتي ورثي جي تحفظ لاِءِ امريڪي حڪومت ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم ڪري رھي آھي. اسان جون قونصل خانو ڪراچي ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي ثقافتن جي مڃتا ۽ انھن جي ڏينھن ملھائڻ لاءِ دانشورن، شاعرن، فنڪارن ۽ ثقافتي اڳواڻن کي متخلف تقريبن ۾ آڻي کين ڀليڪار ڪندو آھي. ان کان علاوه امريڪا ٻه لک سٺ ھزار ڊالرن جي مدد سان ٺٽي ۾ واقع مڪلي جي تاريخي ماڳ کي محفوظ ڪرڻ جي منصوبي تي ڪم ڪري رھيو آھي.
قونصل جنرل وڌيڪ چيو ته امريڪا پاڪستان ۾ موسيقي ۽ آرٽ کي همٿائڻ لاءِ ڪراچي جي نيشنل اڪيڊمي فار پرفارمنگ آرٽس ۽ امريڪي يونيورسٽي بٽلر اسڪول آف ميوزڪ وچ ۾ هڪ ملين ڊالرس جي مدد سان هڪ پارٽنرشپ قائم ڪئي آھي. فن جي همت افزائي ڪرڻ واري هن پروگرام هيٺ ناپا جا شاگرد ڇھن مھينن لاءِ امريڪا جي يونيورسٽيءَ ۾ ويندا آھن ته جيئن موسيقيءَ جي ٻين قسمن جي کين ڄاڻ حاصل ٿي سگھي. قونصل جنرل چيو ته آرٽ جا هي ٻئي ادار گڏجي جيڪا تخليقي موسيقي پيدا ڪري رھيا آھن سا تمام گھڻي اتسھائيندڙ آھي.
امريڪي حڪومت جي ثقافتي پروگرام بابت وڌيڪ ڄاڻ لاءِ هن لنڪ تي وڃو
www.eca.state.gov