امريڪن قونصل خاني طرفان ڪراچي پريس ڪلب کي ڪمپيوٽرن جو تحفو

ڪراچي: امريڪن قونصل خاني ڪراچي طرفان پريس ڪلب ڪراچي کي ٽن ڪمپيوٽرن، نيٽ ورڪ اسٽيشن، پرنٽنگ سسٽم ۽ سافٽ ويئرجو تحفو ڏنو ويو . پريس ڪلب جي انٽرنيٽ ڪيفي ۾ قونصل خاني طرفان ڏنل ڪمپيوٽرس صحافين جي روزمره جي ڪم ڪار جي لاءِ ڏنا ويا آھن ته جيئن هو رپورٽنگ جا فرض آسانيءَ سان پورا ڪري سگھن.

آءِ ٽي ليب جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي قونصل جنرل برائن هيٿ چيو ته هڪ آزاد سماج ۾ ميڊيا جو انتھائي اھم ڪردار هجي ٿو. صحافين جي ڪردار کي ساراھيندي قونصل جنرل هيٿ چيو ته پاڪستان ۾ صحافي تمام ڏکين ۽ خطرناڪ حالتن کي منھن ڏئي رھيا آھن. اڄ هتي اچڻ جو مقصد به اھو آھي ته اوھان جي ڪم، سخت محنت کي مڃتا ڏجي.

قونصل جنرل وڌيڪ چيو ته امريڪي حڪومت پاڪستان جي صحافين لاءِ ڪيترائي تربيتي ۽ ايڪسچينج جا پروگرام ھلائي رھي آھي. انھن پروگرام ۾ مک پروگرام ڪراچي جي آءِ بي اي ۾ 4 ملين ڊالرس جي لاڳت سان صحافين جي تربيت ۽ تعليم لاءِ سينٽر فار ايڪسيلنس ان جرنلزم جو قيام شامل آھي. ان سينٽر جو مقصد پاڪستان جي صحافين کي سندن شعبي ۾ پيشوراڻي تربيت ڏيڻ آھي .

ھلندڙ سال امريڪي حڪومت ڪي ٽي اين ۽ وش چينل کي امريڪا جي رپورٽنگ دوري تي موڪيلو ته جيئن هو امريڪا مان ۽ امريڪا تي پنھجن ڏسندڙن لاءِ اسٽوريز ڪري سگھن. سال 2015 ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي 11 صحافين کي امريڪا ۾ صحافتي تربيتي پروگرامن تي پڻ موڪليو، انھن پروگرام ۾ انٽرنيٽ فريڊم، انساني حق، صحافين جي سلامتي ۽ سماجي ذميداري جا پروگرام شامل آھن.

پاڪستان جي پراڻي ترين ۽ تاريخي ڪراچي پريس ڪلب جي دوري دوران قونصل جنرل ڪلب جي صدرفاضل جميلي جي اڳواڻي ۾ گورنگ بورڊ جي ميمبرن سان پڻ ملاقات ڪئي.