ڪراچي؛ ڪراچي ۾ ھر سال ٿيندڙ سالياني ادبي ميلي ۾ هن سال شرڪت لاءِ امريڪا ۽ انڊيا کان آيل ليکڪن ۽ اديبن جي مان ۾ امريڪي قونصل جنرل برائن هيٿ پنھجي رهائشگاھ تي آجياڻو ڪيو، جنھن ۾ امريڪي يونيورسٽي جي انٽرنيشنل رائٽنگ پروگرام جي ڊائريڪٽر ڪرسٽوفر ميرل شرڪت ڪئي. جناب ميرل ڪراچي ادبي ميلي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ امريڪا مان آيل آهي. تقريب ۾ ڪراچي ادبي ميلي جي باني امينا سيد، آصف فرخي، ايڇ ايم نقوي، شاندانا، انڊيا کان آيل سريدالا سوامي ۽ ڪويري نبيشن پڻ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي قونصل جنرل برائن هيٿ چيو ته ” اڄ اسان لکيل لفظن جي اثر ۽ طاقت جي عظمت کي مڃتا ڏيڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون، هن موقعي تي مونکي اھو ڄاڻندي انتھائي خوشي محسوس ٿي رھي آهي ته ڪراچي ادبي ميلو گذريل پنجن سالن کان مسلسل ڪاميابيءِ جو سفر جاري رکندو اچي ٿو، اھو ميلو جڏهن 2010 ۾ شريڪ ٿيو ته ان ۾ پنج هزار ماڻھن شرڪت ڪئي جڏهن ته گذريل سال 70 ھزار ماڻھن شرڪت ڪئي، هن شاندارثقافتي ميلي ۾ ھر سال جيان هن سال به امريڪا تعاون ڪري رھيو آهي.
ان موقعي تي امريڪي سفارتخاني جي ثقافتي معاملن جي سربراھ جوڊٿ ريون پنھج تازو لکيل مضمون ”سڄو سمونڊ هڪ ڦڙي ۾“ پڙھي ٻڌايو. امريڪي صحافي ۽ ليکڪ ميرل پڻ پنهجي تازي ڪتاب مان ڪجھ ٽڪرا پڙهي ٻڌايا، انڊيا مان آيل ليکڪن ۽ پاڪستاني اديبن پڻ پنهجون تحريرون پڙھيون.
امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ 1967کان آئيوا يونيورسٽي ۾ هلندڙ انٽرنيشنل رائٽنگ پرگرام جي مالي مدد ڪري رھيو آهي. ان پروگرام ذريعي دنيا جي مختلف ملڪن جي ليکڪن کي گڏ رھڻ ۽ تحقيق ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي، خاص ڪري اڀرندڙ ليکڪن، شاعرن ۽ صحافين کي اھو موقعو حاصل ٿيندو آهي.
1967 کان وٺي دنيا جي 140 ملڪن جا 1400 ليکڪ هن پروگرام هيٺ آئيوا يونيورسٽي ۾ داخل ٿي چڪا آهن، جن ۾ ڪيترائي پاڪستان جا مشھور ليکڪ پڻ شامل آهن جن ۾ ايڇ ايم نقوي، بينا شاھ، بلال تنوير ۽ شندانا منھاس شامل آهن.