امريڪن قونصل خاني طرفان انٽليڪچوئل پراپرٽي رائيٽس جو ڏينھن ملھايو ويو

گروپ پينل

ڪراچي– عالمي انٽليڪچوئل پراپرٽي رائٽس جي ڏيھن جي حوالي سان نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽس (ناپا) ۾ موسيقي جي صنعت ۽ انٽليڪچوئل پراپرٽي رائٽسامريڪن قونصل خاني طرفان انٽليڪچوئل پراپرٽي رائيٽس جو ڏينھن ملھايو ويو

جي موضع تي هڪ مذاڪري جو اھتمام ڪيو ويو جنھن جي صدارت امريڪي قونصل جنرل برائن هيٿ ڪئي. امريڪي قونصل خاني جي دعوت تي امريڪا مان آيل موسيقار گريس مڪلين ۽ پاڪستان جي موسيقيءَ جي صنعت سان وابسطه عمران عرف عمو، آصف سنان، ذيشان چودري ۽ زين شيخ پڻ مذاڪري ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ڳالھائيندي قونصل جنرل برائن هيٿ چيو ته اسان هي ڏينھن ان ڪري ملھائي رھيا آھيون ته عوام کي موسيقيءَ جي چوريءَ جي نتيجن کان اگاھ ڪري سگجھي. هن وڌيڪ چيو ته انٽليڪچوئل پراپرٽي رائٽس جي حفاظت ڪرڻ ان ڪري به ضروري آھي ته جيئن اسان جي پسنديده فنڪارن کي مسقتل آمدنيءِ جو ذريعي رھندو اچي، ۽ تخليقي عمل ۽ جدت جي همت افزائي ٿئي.

مذاڪري جي اختتام تي شريڪ ماڻھن انٽليڪچوئل پراپرٽي رائٽس جي ڏينھن جي حوالي سان هڪ خاص ڀٿ تي صحيحيون ڪري انٽليڪچوئل پراپرٽي رائٽس جي تحفظ جو عزم ڪيو. آخر ۾ ناپا جي آڊيٽوريم ۾ رانگ رنگ جي محفل سجائي وئي جنھن ۾ امريڪا مان آيل گريس ميڪلين بينڊ پنھجي فن جو مظاھرو ڪيو.

گذريل 45 سالن کان 26 اپريل کي ھر سال انٽليڪچوئل پراپرٽي رائٽس ڏينھن جي سالگرھ ملھائي ويندي آھي. هن سال جو موضوع موسيقي آھي جنھن ذريعي موسيقيءَ جي غير قانوني وڪري ۽ ڊائون لوڊ ڪرڻ جي حوصله شڪني ڪئي پئي وڃي.