ڪراچي: امريڪي قونصل جنرل برائن هيٿ پاران قونصل خاني جي پهريون ڀيرو جوڙيل سنڌي ٻوليءَ ۾ ويب سائيٽ جو باضابطه افتتاح ڪيو ويو. اها تقريب قونصل جنرل جي ڪراچيءَ واري رهائش گاهه تي ٿي گذري. قونصل خاني جي ويب سائيٽ جو افتتاح قونصل جنرل برائن هيٿ ۽ سنڌ جي ناليواري سماجي اڳواڻ ۽ ڪالم نويس ڊاڪٽر سليمان گڏجي ڪيو. ان موقعي تي ڄامشوري جي صوفي راڪ بينڊ اسڪيچزسنڌي راڳ پيش ڪيو. اها اهڙي موسيقي هئي، جنهن سان سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪيو ويو.
قونصل جنرل برائن هيٿ ان موقعي تي تقرير ڪندي چيو ته. ”اسان کي تمام گهڻو فخر ۽ خوشي آهي، جو پهريون ڀيرو سنڌي ٻوليءَ ۾ ويب سائيٽ جي شروعات ڪري رهيا آهيون“. قونصل جنرل برائن وڌيڪ چيو ته، ”سنڌي ٻوليءَ واري ويب سائيٽ هن ئي مهيني سفارتخاني پاران اردو ٻوليءَ ۾ شروع ڪيل ويب سائيٽ جو هڪ تسلسل آهي. هڪ سال کان وڌيڪ عرصي کان وٺي ڪراچيءَ ۾ موجود امريڪي قونصل خانو سنڌيءَ ۾ پريس بيان جاري ڪري رهيو آهي. ان سان گڏ فيس بوڪ توڙي ٽوئيٽر تي پڻ سنڌي ٻوليءَ ۾ پوسٽنگس رکيون وڃن ٿيون“.
هن وڌيڪ چيو ته، ”ڪراچي قونصليٽ پاران مڪمل طور تي سنڌي ٻوليءَ ۾ ويب سائيٽ هڪ اهم ترين قدم آهي، جنهن ذريعي پاڪستان توڙي ملڪ کان ٻاهر رهندڙ 60 ملين (6 ڪروڙ) سنڌي ڳالهائيندڙن تائين رسائي ۾ مدد ملي رهي آهي. هاڻي هو قونصليٽ جي سرگرمين توڙي ان جي سهڪاري ڪوششن بابت پاڪستان جي هڪ قديم ۽ انتهائي اهم ٻوليءَ ۾ مواد پڙهي سگهندا. قونصليٽ جي خواهش آهي ته امريڪي ۽ پاڪستاني هڪٻئي کي بهتر نموني سمجهي سگهن“.
تقريب ۾ سنڌ جون نامياريون شخصيتون جهڙوڪ صحافي، ميڊيا سربراھن، سماجي ڪارڪنن ۽ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندڙ شريڪ ٿيا.
ڪراچي قونصل خاني جي سنڌي ٻوليءَ جي ويب سائيٽ ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو تي وڃو.