ڪراچي–ڪراچي جي نيشنل اڪيڊمي فار پرفارمنگ آرٽس جي ڏھين سالگرھ جي موقعي امريڪي قونصليٽ جي دعوت تي امريڪا مان آيل راڪ بينڊ مير مڪ برائڊ پنهجن ساٿين سان گڏ فن جو مظاھروڪيو. ميري مڪ برائڊ ڪراچي ۾ هي ٻيو دفعو موسيقي پيش ڪرڻ لاءِ آيل آهي. ناپا پنهجي ڏھين سالگرھ جي موقعي تي موسيقي جي عالمي ميلي جو اھتمام ڪيو آھي ۽ هي محفل به ان جو حصو آهي.
ان موقعي تي مھمانن کي ڀليڪار ڪندي امريڪن قونصليٽ جي ثقافتي اتاشي لي پنگ لو ناپا جي قيادت کي ڏھين سالگرھ جون مبارڪون ڏنيون ۽ گذريل ڏھن سالن کان هن شھر لاءِ راڳ، ڊرامي ۽ فن جي شعبي ۾ سندن زبردست ڪم لاءِ به ٿورا مڃيا. هن چيو ته فن جي هن اڪيڊيمي نه صرف پاڪستان جي شھرين لاءِ فن جي مختلفن صنفن ۾ بيشمار شاھڪار پيدا ڪيا بلڪه پرڏيھ کان ايندڙ فنڪارن لاءِ هي ادارو هڪ گھر جيان اڀري اڳيان آيو آهي.“
لي پنگ لو وڌيڪ چيو ته ”ميري مڪ برائڊ پاڪستان ۾ ٻيون ڀيرو پنهجي فن جو مظاھرو ان ڪري ڪرڻ لاءِ آيل آهي ڇو جو پوئين ڀيري کيس پاڪستان جي ماڻھن تمام گھڻو پيار ڏنو ۽ پسند ڪيواھو ئي سبب آهي جو هوءَ هڪ دفعو وري اسان سان گڏ آهي.“
ميري مڪبرائڊ ۽ سندس بينڊ هن وقت تائين امريڪا ۾ پنهجا چار ميوزڪ البم جاري ڪري چڪا آهن، انھن مشھور البمن ۾ ”باءِ ايني اڌر نيم“، ايوري ڊي از اي هاليڊي“، ۽ ”د وي هوم“ شامل آهن. ميري مڪبرائڊ امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ جي ثقافتي سفير طور دنيا جي 20 ملڪن جو دوري ڪري چڪي آهي انھن ملڪن ۾ سعودي عربيه، پاڪستان، ويٽنام، انڊونيشيا، افغانستان ۽ روس شامل آهن.
هن بينڊ ۾ گيٽار وڄائينڊڙ جان ڪينگلا ، ڪي بورڊ تي جان سپرني، بيس گيٽار تي گريگ بيشرس ۽ ڊرم تي مارڪ اسٽيپرو شامل آهن.
امريڪي حڪومت جي موسيقي ۽ ثقاتي پروگرامن بابت وڌيڪ ڄاڻ لاءِ هن لنڪ تي وڃو
www.eca.state.gov.