امريڪي قونصل خاني طرفان 40 شاگردن کي امريڪا پڙھئڻ لاءِ موڪليو پيو وڃي

امريڪي قونصل خاني طرفان 40 شاگردن کي امريڪا پڙھئڻ لاءِ موڪليو پيو وڃي

ڪراچي: امريڪي قونصل خاني ڪراچي طرفان ھن سال امريڪا ويندڙ 40 شاگردن جي مان ۾ ھڪ تقريب ٿي جنھن ۾ قونصل جنرل برائن ھيٿ شرڪت ڪئي. ان تقريب ۾ تازو 20 جون تي امريڪا مان موٽندڙ 33 شاگرن ۽ شاگردياڻين پڻ شرڪت ڪئي جن کي قونصل جنرل ڀليڪار ڪيو. اهي شاگرد ڪئنيڊي- لوگر ”يوٿ ايڪسچينج اسٽڊي“ (YES) پروگرام تحت امريڪا ۾ ھڪ سال پڙھئڻ لاءِ وڃي رھيا آھن.

امريڪا ويندڙ ۽ موٽندڙ شاگردن کي خطاب ڪندي قونصل جنرل برائن هيٿ چيو ته ” YES انهن سمورن مٽا سٽا وارن پروگرامن ۾ اهم ترين پروگرام آهي، جيڪي پاڪستاني ۽ امريڪي عوام کي ڳنڍڻ لاءِ شروع ڪيا ويا آهن. انهن پروگرامن جو مقصد ٻنهي ملڪن جي ماڻهن درميان ڳالهه ٻولهه کي فروغ ملي سگهي ۽ هو پاڻ ۾ هڪجهڙايون ڳولي لهن. هن وڌيڪ چيو ته، YES جهڙن پروگرامن کان وڌيڪ ڳانڍاپي جو ٻيو ڪو به بهتر طريقو ڪونهي، جيڪو ماڻهن کي موقعو فراهم ٿو ڪري ته هو پنهنجي لاءِ اهو ڪجهه ڳولي لهن، جيئن امريڪا آهي.“

رضاڪارانه طور ڪم ڪرڻ هن پروگرام جو خاص حصو آهي. برائن چيو ته، اسان ان ڳالهه ۾ يقين رکون ٿا ته ڪنهن به سماج جي مضبوط ڪرڻ ۾ عام ماڻهن ۽ ملڪ جي خدمت وارو جذبو بنيادي حيثيت رکي ٿو. هاڻي جڏهن اوهان پنهنجي گهرن ڏانهن واپس ٿيا آهيو، تڏهن مون کي اميد آهي ته اوهان اتي گذاريل پنهنجن ڏينهن جا تجربا پنهنجي ڪٽنب توڙي ملڪ جي ٻين ماڻهن سان ونڊيندا، ۽ يقينن اوهان پاڪستان ۾ ماڻهن جي خدمت واري ڪم کي جاري رکندا. ان موقعي تي iEARN جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر فرح ڪمال به موجود هئي. iEARN پاڪستان ۾ YES پروگرام تي عملدرآمد لاءِ اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جو پارٽنر ادارو آهي.

ڪئنيڊي لوگر ”يوٿ ايڪسچينج اينڊ اسٽڊي“ (YES) پروگرام امريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي مالي سهڪار سان هلندڙ هڪ پروگرام آهي. ان پروگرام تحت 15 کان 17 سالن واري عمر جي سيڪنڊري اسڪولن جي شاگردن کي اسڪالرشپ ڏني ويندي آهي. اسڪالپرشپ ملڻ کان پوءِ شاگردن کي پنهنجي تعليم جو هڪ سال امريڪا ۾ گذارڻو هوندو آهي.

امريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ طرفان ڪئنيڊي- لوگر ”يوٿ ايڪسچينج اسٽڊي“ (YES) پروگرام جي شروعات سال 2003 ۾ ڪئي وئي ھئي جنھن ۾ ھن وقت تائين پاڪستان جي 900 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي امريڪا پڙھائي لاءِ موڪليو ويو آھي. اھي ٻار امريڪا ۾ مقامي خاندانن سان گڏ رھندا آھن. YES پروگرام توڙي پاڪستان ۾ ان تي عملدرآمد ڪرائيندڙ پارٽنر اداري iEARN بابت وڌيڪ معلومات لاءِ هتي ڏنل ٻه لنڪس تي وڃو.

www.yesprograms.org/country/pakistan  ۽ www.iearnpk.org/yespk.htm

رابطي لاءِ پبلڪ افيئرس سيڪشن، (02135275000)
امريڪن قونصليٽ جنرل ڪراچي

جون 22، 2016

#######