ڪراچي: امريڪي قونصل خاني جي دعوت تي ڪراچي جي دوري تي آيل امريڪي ميوزڪ گروپ ايري رولينڊ جاز گروپ طرفان نيشنل اڪيڊمي فار پرفارمنگ آرٽس (ناپا) ۾ پنھجي فن جو مظاھرو ڪيو. ناپا ۾ ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي قونصل خاني جي ثقافتي اتاشي گريفن روزيل چيو ته امريڪي فنڪارن کي ڪراچي گھرائڻ جو تجربو زبردست رھيو، امريڪي حڪومت جي ڪوشش آھي ته وڌيڪ امريڪي فنڪارن کي پاڪستان آندو وڃي. گريفن روزيل جو وڌيڪ چوڻ هو ته ايري رولينڊ گروپ ڪراچي ۾ رھڻ دوران نه صرف موسيقيءَ جي شاگردن کي تربيت فراھم ڪري رھيا آھن بلڪه شھر جي مختلف ادارن سان ملي ثقافتي پروگرام ترتيب ڏئي رھيا آھن. ھي جاز بينڊ چئن موسيقارن تي مشتمل آھي جن ۾ ايري رولينڊ، ڪيٿ بالا، ڪرس بائر ۽ زيد ناصر شامل آھن.
نيشنل اڪيڊمي فار پرفارمنگ آرٽس (ناپا) سان گڏجي امريڪي حڪومت موسيقي ۽ آرٽ جي ٻين پروگرامن تي پڻ گڏجي ڪم ڪري رھي آھي جن ۾ ناپا ۽ ٽيڪساس يونيورسٽي جي بٽلر اسڪول آف ميوزڪ جي وچ ۾ پارٽنرشپ قائم ڪئي وئي آھي جنھن لاِءِ امريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ هڪ ملين ڊالرس جي مالي امداد ڏني آھي. اھو ٽن سالن جو پروگرام آھي جنھن ذريعي ناپا جي شاگردن کي ڳائڻ، موسيقيءَ ۽ ساز وڄائڻ جي تربيت فراھم ڪئي ويندي. ان کان علاوه ٻنھي ادارن جي شاگردن ۽ استادن جي وچ ۾ لاڳاپن کي پڻ وڌايو ويندو.
ناپا سان تعلق رکندڙ شاگردن ۽ استادن تازو ٽيڪساس يونيورسٽيءَ جو دور ڪيو ۽ اتي ڇھن مھينن تائين ترسيا جنھن دوران کين پنھجيون صلاحيتن سنوراڻ ۾ مدد ملي، موسيقيءَ جي مختلف صنفن سان هنن جو تعارف ٿيو. ٽيڪساس يونيورسٽيءَ جي استادن پڻ ناپا جو دورو ڪيو۽ شاگردن سان گڏجي موسيقيءَ بابت ورڪشاپ ڪيا.
پاڪستان ۾ ھلندڙ امريڪي حڪومت جي تعليمي ۽ ثقافتي پروگرام بابت وڌيڪ ڄاڻ لاءِ هن لنڪ تي وڃو:
فئبروري 25، 2016
رابطي لاءِ برائن آسمس، ترجمان، (02135275275)
امريڪن قونصل خانو ڪراچي