يو ايس ايڊ طرفان واپاري پاليسيءَ ۾ عورتن جي شموليت بابت ڪانفرنس

ڪراچي: يو ايس ايڊ پاڪستان طرفان ملڪ جي واپاري پاليسيءَ جي ٺاھئڻ ۾ عورتن جي شموليت جي موضوع تي ڪانفرنس ڪراچي ۾ ٿي گذري. جنھن ۾ پينل مباحثن ۾ عورتن جي نمائنده تنظيمن ۽ ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي. پروگرام جو اھتمام يو ايس ايڊ جي ھلندڙ پروگرام پاڪستان ايڪنامڪ ريجنل انٽيگريشن ايڪٽوٽي ھيٺ ڪيو ويو.

ڪانفررنس کي خطاب ڪندي يو ايس ايڊ سنڌ ۽ بلوچستان جي سربراه ڊينس حربل چيو ته مارڪيٽ ۾ ڪاربار بابت ڄاڻ تائين عورتن جي پھچ کي يقيني بنائڻ جي ضرورت آھي ته جيئن ھو پنھجن وسيلن کي استعمال ڪندي مارڪيٽ جي ضرورتون پوريون ڪري سگھن ۽ واپار جي موجوده موقعن مان فائدو حاصل ڪري سگھن. ھن وڌيڪ چيو ته اسان سمجھون ٿا ته عورتن کي انتظامي ۽ تنظيمي وسيلن ۽ گرن تي پھچ ڏيڻ جي ضرورت آھي ته جيئن ھو ڪاروبار جا منصوبا تيار ڪري سگھن ۽ موثر طريقي سان ڪاروبار ڪري سگھن.

ڪانفرنس ۾ رائونڊ ٽيبل مباحثن ۾ ٿنڪ ٽينڪس جي ميمبرن حصو ورتو جنھن جو فوڪس واپاري پاليسيءَ جي تشڪيل ۾ عورتن جي شموليت کي يقيني بنائڻ ھو. ڪانفرنس ۾ پاڪستان ٽريڊ ڊسپيوٽ ريزوليوشن جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل روبينه توفيق پڻ حصو ورتو ۽ پنھجي ماھراڻه راءِ ڏني. ان موضوع تي پاڪستان جي ٻين شھرن ۾ پڻ ڪانفرنس جو اھتمام ڪيو ويو جن ۾ اسلام آباد، راولپنڊي، ڪشمير، ۽ پيشاور شامل آھن.

پاڪستان ريجنل ايڪنامڪ انٽيگريشن اڪٽوٽي يو ايس ايڊ جو ھڪ پنج سالا پروگرام آھي جنھن جو مقصد پاڪستان جي واپاري شعبي کي اڳتي وڌائڻ آھي. ھن پروگرام ھيٺ ڪيترن ئي مباحثن جو بندوبست ڪيو ويو جيڪو يو ايس ايڊ پاڪستان ٽريننگ پروگرام جو حصو آھي. يو ايس ايڊ عورتن کي ڪاروباري موقعن ۾ اڳتي آڻن لاءِ وومين ليڊرشپ ڊوولپمنٽ پروگرام جي تعاون سان اھو پروگرام ڪري رھيو آھي ته جيئن معيشت جي شعبي ۾ عورتن کي اڳتي آڻجي ۽ ان لاءِ کين گھربل ڄاڻ، تربيت ۽ موقعه فراھم ڪجن.