ڪراچي–. پاڪسن ۾ امريڪا جي سفير رچرڊ اولسن ڪراچي ۾ امن فائونڊيشن جي مرڪزي آفيس ۾ هڪ معاھدي تي صحيحيون ڪيون جنھن هيٺ پاڪستان جي نوجوانن کي معاشي طور پنهجن پيرن تي بيھارڻ لاءِ کين ووڪيشنل تربيت ڏني ويندي. يوٿ ورڪ فورس ڊولپمنٽ پروگرام هيٺ سنڌ صوبي جي غريب نوجوانن کي اھڙي عملي تربيت ڏني ويندي جنھن سان کين روزگار جا ٺوس موقعا مھيا ٿي سگھن. ان ووڪيشنل تربيت ۽ مستقبل بابت رھمنائي جي مرڪز ۾ نوجوانن کي هن مقابلي واري دور ۾ روزگار لاءِ اھل بڻايو ويندو ته جيئن هو پنهجي مقامي آبادين کي معاشي طور سگھارو ڪري سگھن. اھو نئون پروگرام يو ايس ايڊ جي مالي تعاون سان ٻن ادارن امن فائونڊيشن ۽ يواين ڊي پي جي گڏيل پيش رفت آهي.
ڪراچي ۾ ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستان ۾ امريڪي سفير رچرڊ اولسن چيو ته ”روزگار جا ڪافي موقعا موجود آهن پر نوجوانن ۾ گھربل هنر جي سکيا نه هجڻ ڪري اھي جايون کالي پيون آهن پر امن ٽيڪ ۽ يو اين ڊي پي جي تعاون سان شروع ڪيل هن پروگرام ذريعي سورنھن هزار نوجوانن کي ووڪيشنل تربيت ملندي جنھن سان خانگي شعبي کي گھربل لياقتن وارا تربيت يافته ماڻھو ملندا .“
ان معاھدي هيٺ امن ٽيڪ ٽن سالن جي عرصي دوران 3600 شاگردن کي هنري سکيا سان گڏ روزگار جا موقعا ڳولڻ ۾ پڻ مدد فراھم ڪندي، ان سان گڏ يون اين ڊي پي 13500 نوجوان مرد ۽ عورتن کي گارمنٽ جي صنعت ۾ تربيت ڏيندا ته جيئن هو روزگار حاصل ڪري پنهجي آمدني بھتر ڪري سگھن.
ان موقعي تي ڳالھائيندي يو اين ڊي پي پاڪستان جي سربراھ مارڪ انڊرفرانشي چيو ته هن معاھدي ذريعي يو اين ڊي پي کي اھو موقعو ملندو ته نوجوانن کي موثر طريقي سان هنري سکيا ڏئي سگھجي ته هو گارمنٽ جي شعبي ۾ ايندڙ ٽن سالن تائين روزگار حاصل ڪري سگھن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي معاشي واڌ ۽ خوشحالي جي حوالي سان هي هڪ اھم پروگرام آهي.“
پاڪستان جي عام ماڻهوءَ جي آمدني ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ امريڪا ڪيترن ئي ادارن سان گڏجي ڪم رھيو آهي. يوٿ ورڪ فورس ڊولپمنٽ پروگرام انھن منصوبن جو هڪ حصو آهي جنھن ذريعي پاڪستاني عوام کي پنھجي پيرن تي بيھڻ ۾ مدد ملندي.
يوايس ايڊ جي معاشي واڌ جي حوالي سان پروگرامن جو تفصيل ڄاڻڻ لاءِ هن لنڪ تي وڃو