مبر شھدادڪوٽ: امريڪي اداري يو ايس ايڊ جي مالي تعاون سان قمبر شھدادڪوٽ ضلعي جي ڳوٺ موندر لاکا ۾ اسڪول جي تعمير جو سنگ بنياد رکيو ويو. موندر لاکا ۾ ٿيل تقريب ۾ اسڪول جو سنگ بنياد قمبر شھدادڪوٽ جي ڊپٽي ڊائريڪٽرفياض احمد سولنگي ھڪ وڻ پوکي رکيو. تقريب ۾ ڳوٺاڻن، استادن، شاگردن ۽ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڊائريڪٽر فياض احمد سولنگي چيو ته ”اسان سنڌ ۾ تعليم جي بھتري لاءِ پرعزم آھيون. سنڌ حڪومت ۽ يو ايس ايڊ گڏجي نه صرف تعليم تائين عام ماڻھن جي پھچ کي وڌائي رھيا آھن بلڪه اسڪولن ۾ ڇوڪرين جي داخلا ۾ پڻ اضافو ڪري رھيا آھن.“
سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام ھيٺ تازو يو ايس ايڊ خيرپور ۽ سکر ضلعن ۾ چئن اسڪولن جي تعمير مڪمل ڪئي آھي، انھن اسڪولڻ ۾ ڪوڙو ڳوٺ، ٽنڊو مير علي، آرائين، جھاج ريگيوليٽر شامل آھن. سنڌ صوبي ۾ نون اسڪولن جي ان پروگرام ھيٺ يو ايس ايڊ 155 ملين ڊالرس ڏئي رھيو آھي جنھن سان جديد دور جي گھرجن جو پورائو ڪندڙ ھڪ سو (100) کان وڌيڪ اسڪول تعمير ڪيا پيا وڃن ته جيئن ڇوڪرين جي داخلا ۾ اضافو ڪري سگھجي، اسڪولن جو انتظام بھتر ڪري سگھجي. ھن پروگرام مان چار لک ٻار فائدو حاصل ڪري سگھندا. ھن پروگرام لاءِ سنڌ حڪومت 10 ملين ڊالر ڏئي رھي آھي.
ھن اسڪول سميت ضلعي قمبر شھدادڪوٽ ۾ ڪل 20 اسڪول تعمير ڪيا ويندا، ٻين ضلعن ۾ 54 اسڪول ھن وقت زير تعمير آھن. يو ايس ايڊ جو تخمينو آھي ته ھنن زير تعمير اسڪولن ۾ 50 ھزار کان وڌيڪ ٻار مفت تعليم حاصل ڪري سگھندا.
سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام بابت وڌيڪ معلومات لاءِ ھن ويب سائيٽ تي وڃو
www.sbep.gos.pk
پاڪستان ۾ يوايس ايڊ جي ھلندڙ ترقياتي پروگرام بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ھن لنڪ تي وڃو
www.usaid.gov/pakistan
مئي 28، 2016
رابطي لاءِ برائن آسمس، ترجمان، (03028294015)
امريڪن قونصل خانو ڪراچي
#######