يو ايس ايڊ، اينگرو ڪارپوريشن ۽ تعليم کاتي سنڌ ۾ تعليم جي بهتر لاءِ ياداشتنامي تي صحيحيو ڪيون

گروپ شاٽ

ڪراچي: آمريڪا جي بين الاقوامي ترقياتي اداري يوايس ايڊ ۽ سنڌ جي تعليم واري کاتي ملڪ جي وڏي اداري اينگرو ڪارپوريشن سان هڪ ياداشت نامي تي صحيون ڪيون. معاھدي جو مقصد سنڌ ۾ تعليم جو سڌارو آهي. هن معاھدي مطابق اينگرو پنھجي پروگرام ” مان ئي تبديلي آھيان“ هيٺ سنڌ صوبي ۾ نون ٺھندڙن اسڪولن لاءِ وڌيڪ مالي وسيلا مھيا ڪرڻ ۾ مدد ڪندو“.

ان موقعي تي ڳالهائيندي آمريڪي قونصل جنرل برائن ھيٿ چيو ته سنڌ حڪومت توڙي پرائيويٽ ادارن جو يوايس ايڊ جي منصوبن ۾ اڳڀرائي جو ڪردار آهي .۽ هي ساٿ سنڌ ۾ ٻارن جي تعليم تائين پهچ کي وڌيڪ اثرائتوبڻائيندو.

اينگرو جي ڪراچي آفيس ۾ ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي يو ايس ايڊ پاڪستان جي سربراھ جان گرورڪ چيو ته ”هي هڪ اهڙو ساٿ آهي جيڪو اسان کي پروگرام جي سڀني متعلقه ڌرين جن ۾ سرڪار، خانگي شعبو ۽ سماجي تنظيمن کان گهربل آهي “

يوايس ايڊ پاڪستان ،سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام تحت، تعليم کاتي جي مالي مدد ڪري رهيوآهي ، جنهن تحت صوبي جي ستن ضلعن ۽ ڪراچي جي پنجن ٽائون ۾ 120 اسڪولن جي اعلا معيار واري تعمير شامل آهي.صحيح ٿيل ٽه ڌري معاهدي تحت اينگرو وڌيڪ مالي وسيلا پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪندو.

ياداشت نامي تي صحيح ڪندڙن ۾ سنڌ جي تعليم وارو سيڪريٽري فضل الله پيچوهو،يوايس ايڊ پاڪستان جو سربراھ جان گرورڪ ، اينگرو جو ناب صدر روحيل محمد شامل هئا.

تقريب ۾ آمريڪي قونصل جنرل برائن هيٿ ، يوايس ايڊ جو سينئر صلاحڪار۽ سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام جو پروگرام مينيجرڊاڪٽر رينڊي هيٽ فيلڊ پڻ موجود هئا.

وڌيڪ معلومات لاءِ يو ايس ايڊ پراجيڪٽ جي ويب سائيٽ تي وڃو. http://www.usaid.gov/pakistan