يوايس ايڊ طرفان پاڪستان ۾ پاڻي جي مسئلي جي حل لاءِ سھڪار

گروپ شاٽ

حيدرآباد: بين الاقوامي ترقيءَ لاءِ آمريڪي اداري (USAID) مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽئڪنالاجي ۾ هڪ نئين عمارت جو سنگِ بنياد رکيو آهي. يو ايس ايڊ جي مدد سان تعمير ٿيندڙ هن عمارت ۾ يو ايس – پاڪستان سينٽر فار ايڊوانسڊ اسٽڊيز اِن واٽر ڪم ڪندو. هي سينٽر يو ايس ايڊ ، مهراڻ يونيورسٽي ۽ آمريڪي يونيورسٽي، يونيورسٽي آف يوٽا جي گڏيل اشتراڪ سان قائم ڪيو ويو آهي.

ان موقعي تي سنگ بنياد رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي  يو ايس ايڊ پاڪستان جي سربراھ جان گر ورڪ  ڳالهائيندي چيو ته هي منصوبو پاڪستان جي امداد لاءِ آمريڪا جي ڊگهي مُدي واري واعدي جو هڪ ٻيو مثال آهي. هن چيو ته هن منصوبي ذريعي پاڪستان ۾ پاڻيءَ جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڪافي مددگار ثابت ٿيندو. دوري دوران جان گرورڪ مھراڻ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر محمد اسلم عقيلي، اداري جي ڊائريڪٽر بخشل لاشاري کان علاوه ماسٽر ۽ پي ايڇ ڊي جي شاگردن سان پڻ ملاقات ڪئي.

يو ايس ايڊ هن نئين عمارت جي ٺهڻ کان پوءِ ان ۾ قائم ٿيڻ واري انسٽيٽيوٽ آف واٽر رسورسز انجنيئرنگ اينڊ مئنجمينٽ کي جديد تجربيگاهن ۽ تحقيقي سهولتن سان آراسته ڪندي.

حيدرآباد ۽ ڄامشوري جي هڪ ڏينھن جي دوري دوران يو ايس ايڊ جي سربراھ گرورڪ سنڌ يونيورسٽي جي ايلسا قاضي ڪيمپس ۾ يو ايس ايڊ جي مالي مدد سان تعمير ٿيل تعليم جي شعبي جي عمارت جو پڻ  افتتاح ڪيو. ان دوران اُن وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عابده طاهراڻي ۽ تعليم جي شعبي جي ڊِين پروفيسر ڊاڪٽر پروين منشي ۽ شاگرد ۽ شاگردياڻين سان پڻ ملاقات ڪئي.

ايجوڪيشن فيڪلٽي جي ٺھيل نئين عمارت ۾ ايڊمنسٽريشن ۽ اڪيڊمڪ بلاڪ، 10 ڪلاس، 4 ليبارٽريون، هڪ ڪانفرنس روم، هڪ گهڻن مقصدن لاءِاستعمال لاءِ هال، هڪ لرننگ رسورسز سينٽر، شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ ڌار ڪامن روم ٺاهيا ويا آهن. ان کان علاوه خاص ضرورتن وارن شاگردن لاءِ لفٽ ۽ ٻيا خاص انتظام ڪيا ويا آهن. عمارت جي اڏاوتي نموني ۾ قدرتي روشني ۽ تازي هوا جي گهڻي ۾ گهڻي استعمال کي يقيني بڻايو ويو آهي.

هن ايجوڪيشن فيڪلٽي بلڊنگ جي تعمير يو ايس ايڊ پاڪستان ۾ 17 تعليم جي شعبن جي اڏاوت  مختص ڪيل 45 ملين ڊالر جو حصو آھي. انهن جديد ماحوليات سان مطابقت رکندڙ ۽ گهٽ مرمتي خرچ وارين عمارتن ۾ جديد سهولتن سان ڀرپور لائبريريون ۽ ليبارٽريون قائم ڪيون ويون آھن. اھي جديد  سهولتون 5000 شاگردن/ شاگردياڻين ۽ 300 استادن کي بهتر تعليمي ۽ تدريسي ماحول فراهم ڪنديون.

وڌيڪ معلومات لاءِ يو ايس ايڊ پراجيڪٽ جي ويب سائيٽ تي وڃو. http://www.usaid.gov/pakistan