يو ايس ايڊ ۽ سنڌ حڪومت طرفان ڪراچيءَ ۾ اسڪول جي تعمير جو بنياد رکيو ويو

گروپ ٽوڙڻ جا رهواسي

ڪراچي: يو ايس ايجنسي فار انٽرنيشنل ڊولپمينٽ (USAID) جي مشن ڊائريڪٽر گريگ گوٽليب ۽ سنڌ جي تعليم جي وزير نثار احمد کهڙي ڪراچيءَ جي دمبا ڳوٺ (گڏاپ ٽائون) ۾ سرڪاري اسڪول جي تعمير جو بنيادي رکيو. هن اسڪول جي تعمير يو ايس ايڊ جي مالي سھائتا سان سنڏ صوبلي ۾ ھلندڙ پروگرام سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام (SBEP) جو حصو آھي، ان طرح سان ڪراچي ۾ اسڪولن جي تعمير جي شروعات ڪئي وئي.

ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي يو ايس ايڊ جي مشن ڊائريڪٽر گريگ گوٽليب چيو ته هي قدم آمريڪا طرفان پاڪسان سان ٿيل واعدي جي هڪ ڪڙي آهي جنهن تحت سڀني پاڪستانين جي ۽ خاص طور نياڻين جي تعليم تائين پهچ کي يقيني بڻائي سگھجي. هن وڌيڪ چيو ته اسڪولن جي تعمير سان گڏوگڏ يوايس ايڊ تمام گھڻا تعليمي وظيفا ۽ استادن جي تربيت جا پروگرام پڻ ڏئي رهي آهي ته جيئن پاڪستان جي نئين نسل لاءِ موقعا فراهم ڪجن ۽ پاڪستان جي معاشي حالتن ۽ روزگار جي فراهميءَ کي بهتر ڪري سگھجي.

ان موقعي تي يو ايس ايڊ جي صوبائي ڊائريڪٽر مسٽر ليون ايس واسڪن چيو ته تعليم ٻارڙن ۽ وڏن جي زندگي ٺاهڻ سنوارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. هن چيو ته يو ايس ايڊ جا تعليمي پروگرام جهڙوڪ سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام (SBEP) تعليم جي بهتريءَ ۽ بهتر سکيا لاء شروع ڪيا ويا آهن ته جيئن سڀني ٻارن کي تعليم پرائڻ ۽ بهتر سکيا جا هڪجهڙا برابريءَ وارا ۽ محفوظ موقعا فراهم ڪري ڏئي سگھجن.

ان موقعي تي تقريب ۾ يو ايس ايڊ جي سينيئر پاليسي ايڊوائيزر ۽ پروگرام مينيجر ڊاڪٽر رينڊي هيٽفيلڊ، سنڌ جي تعليم کاتي جي سيڪريٽري فضل اللہ پيچوهو، صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر محمد ساجد جوکيو ۽ سنڌ تعليم کاتي جا آفيسر، استاد، شاگرد ۽ ڳوٺاڻن وڏي تعداد شرڪت ڪئي.

سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام بابت:

يو ايس ايڊ سنڌ صوبي ۾ 155 ملين ڊالرن جي مالي سهائتا سان سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام شروع ڪيو آھي. پروگرام جي ڪُل ماليت 165 ملين يو ايس ڊالر آهي جنهن مان سنڌ حڪومت 10 ملين ڊالر ڏيي رھي آھي. هن پروگرام ذريعي يو ايس ايڊ سنڌ حڪومت کي ٻوڏ متاثر ۽ ٻين علائقن ۾ 120 وڏا اسڪول تعمير ڪرڻ ۾ مدد ڪري رهيو آهي. يو ايس ايڊ هي اسڪول سنڌ جي خيرپور – سکر – دادو – قمبر شهداد ڪوٽ – ڪشمور جيڪب آباد – لاڙڪاڻو ضلعن سان گڏوگڏ ڪراچيءَ جي پنجن علائقن، لياري- ڪياماڙي – اورنگي- بن قاسم ۽ گڏاپ ۾ تعمير ڪري رهيو آهي. اسڪولن جو تعميراتي ڪم خيرپور – سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ هلندڙ آهي. هي پروگرام ڳوٺن جي برادرين کي ساڻ کڻي ھلي رھيو آھي ته جيئن اسڪولن جي نگهباني ڪن ۽ اسڪولن کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪوششون وٺن ۽ ٻارڙين جي داخلا وڌائڻ ۾ موثر ڪردار ادا ڪن. هن پروگرام هيٺ انهن علائقن جي ساڍا ست لک ٻارن کي پڙهڻ جي صلا حيتن کي وڌائڻ جو ٽارگيٽ رکي ٿو.

وڌيڪ معلومات لاء هي ويب سائٽ ڏسو http://www.sbep.gos.pk/: