Flag

An official website of the United States government

ويزا بابت اهم معلومات

ادائگي جا طريقيڪار ۽ تفصيل

Insert Local Payment information here.

ملاقاتون ۽ جڳهيون

Insert Appointment information, and the addresses of all locations here

حفاظتي معلومات

Insert Local Security Info

مناسب رهائش

جيڪڏهن توهان کي ملاقات لاءِ مناسب رهائش جي ضرورت هجي، ته اسان توهان کي همٿائيندا آهيون جڏهن ملاقات جو وقت طئه ڪريو ٿا ته ترت پنهنجي رهائشگاهه جي درخواست ڏيو. اسان معذوري يا طبي حالتن ۾ رهائس مهيا ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندا آهيون. حالتن ۽ ماڻهن جي گهرجن جي حساب سان رهائش مختلف هوندي آهي.

رهائش جا مثال شامل آهن، پر محدود نه آهن

  • جيڪڏهن توهان کي ڪنهن طبي حالت يا معذوري جي ڪري نجي ملاقات جي ضرورت آهي، ته اسان توهان جي انٽرويو لاءِ متبادل وقت مقرر ڪري سگهون ٿا.
  • جيڪڏهن اوهان يا اوهان جي ٻار جون خاص ضرورتون آهن، جنهن لاءِ ڪنهن پُرسڪون جاءِ تي بنا ڪنهن رُخني جي ملاقات گهربل هجي ته اسان توهان جي انٽرويو لاءِ اوهان ۽ اوهان جي ڪٽنب لاءِ متبادل وقت مقرر ڪري سگهون ٿا.
  • جيڪڏهن توهان ڳالهائڻ کان لاچار آهيو ته توهان کي متفقه طور غير زباني طريقي سان سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ اجازت ڏئي سگهجي ٿي، جهڙوڪ پين ۽ پنو.
  • جيڪڏهن توهان ٻڌڻ جي سگهه کان محروم آهيو، ته توهان کي ضرورت موجب انٽرويو دوران ترجمو ڪرڻ لاءِ علامتي ٻولي جو مترجم گهرائي سگهون ٿا.

جيڪڏهن توهان پيدائشي نقص، جسماني معذوري يا چمڙي جي حوالي سان مخصوص حالتن سوڌو ڪنهن به طبي حالت جي ڪري فنگر پرنٽس ڏيڻ کان لاچار آهيو ته توهان ڪجهه آڱرين لاءِ فنگر پرنٽس کان ڇوٽ جي اهل ٿي سگهو ٿا.

  • انٽرويو ۾ ڇوٽ رڳو انتهائي حالتن ۾ ڏئي سگهجي ٿي، جهڙوڪ طبي حالتون، جنهن ۾ ايئر ايمبولينس ۾ اڏام ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي.

قونصلر سيڪشن جو ويٽنگ روم يا اُن جو ريسٽ روم ويل چيئر لاءِ دستياب آهي.