عام معلومات
امريڪي قونصل خانو ڪراچي، امريڪا لاءِ نان اميگرنٽ ويزا لاءِ درخواستون وصول ڪندو آهي. نان اميگرنٽ ويزا انهن ماڻهن لاءِ هوندي آهي جيڪي گهمڻ ڦرڻ، ڪاروبار، تعليم، علاج يا پٽيشن تي ٻڌل ملازمت لاءِ عارضي طور تي امريڪا ويندا آهن. ان لاءِ ويزا ڪهڙي قسم جي هوندي، ان جو دارومدار سفر ڪرڻ جي مقصد تي آهي. عارضي مسافرن لاءِ دستياب ويزائن جي قِسمن بابت معلومات لاءِ مهرباني ڪري اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ويبسائٽ تي وڃو.
ويزا لاءِ درخواست ڏيڻ لاءِ مهرباني ڪري http://www.ustraveldocs.com/pk/index.html تي وڃي (1) نان اميگرنٽ ويزا لاءِ اليڪٽرانڪ درخواست (DS-160) فارم ڀريو، (2) درخواست جي في پياريو ۽ (3) نان اميگرنٽ ويزا انٽرويو لاءِ اپائنٽمينٽ وٺو.
ڪجهه ويزائن لاءِ ٻڌايل دستاويزن جيئن شاگرد ويزا لاءِ فارم I-20، ايڪسچينج وزيٽر ويزا لاءِ فارم DS-2019، وغيره کانسواءِ امريڪي قونصل خاني وٽ ڪا به اهڙي لسٽ ناهي جيڪا ٻڌائي ته ويزا درخواست سان گڏ ڪهڙا مددي دستاويز لڳائڻ لازمي آهن.
عام طور تي 14 سال ۽ ان کان گهٽ عمر وارن درخواستگذارن لاءِ لازمي آهي ته اُهي انٽرويو لاءِ قونصل خاني پاڻ اچن. پهرين جُون 2017 کان وٺي اهڙا درخواستگذار جيڪي 80 سال يا ان کان وڏي عمر وارا آهن يا وري جن جي اڳ ۾ ڪڏهن ويزا درخواست رد ناهي ڪئي وئي، تن جو پاڻ اچڻ ضروري ناهي. اسان سڀني درخواستگذارن کي صلاح ڏينداسين ته اُهي پنهنجي سفر جي طئي ٿيل تاريخ کان گهٽ ۾ گهٽ 3 مهينا
اڳ درخواست ڏين. اسان اهو مشورو به ڏينداسين ته امريڪا جي ويزا جاري ٿيڻ کان پهريان اُهي ناقابلِ واپسي يا ناقابلِ تبديلي هوائي ٽڪيٽون خريد نه ڪن.
مهرباني ڪري نوٽ ڪريو ته ڪجهه ويزا درخواستن تي عمل درآمد لاءِ ڪجهه اضافي انتظامي (administrative) ڪم ڪار گهربل هوندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن به درخواست اُڪلائڻ ۾ اهڙي ضرورت پيش آئي ته درخواستگذار کي انٽرويو واري وقت ئي ٻڌايو ويندو. عام طور تي اڪثر انتظامي ڪم ڪار انٽرويو جي 60 ڏينهن اندر ئي پورا ڪيا ويندو آهن پر ڪجهه درخواستن لاءِ اهو گهٽ وڌ ٿي سگهي ٿو. درخواست بابت معلومات وٺڻ کان پهريان درخواستگذارن کي گهرجي ته انٽرويو واري ڏهاڙي يا مددي دستاويز جمع ڪرائڻ کانپوءِ 90 ڏينهن تائين انتظار ڪن.
مقرر ڪيل انٽرويو واري ڏينهن تي درخواستگذار لازمي طور اپائنٽمينٽ واري وقت کان گهٽ ۾ گهٽ 15 منٽ اڳ پهچن. امريڪي قونصل خاني ڪراچي جو پتو آهي: پلاٽ نمبر 3،4،5، نيو ٽي پي ايڪس ايريا، مائي ڪولاچي روڊ، ڪراچي (سنڌ).
هنگامي اپائنٽمينٽ
جيڪڏهن توهان کي اوچتي سفر ڪرڻ (مثال طور، بيماري جي علاج لاءِ) جي ضرورت آهي ته قونصل خاني ۾ دستيابي جي حساب سان توهان کي تڪڙي اپائنٽمينٽ ملي سگهي ٿي. مهرباني ڪري http://www.ustraveldocs.com/pk/pk-niv-expeditedappointment.asp تي وڃي پڪ ڪري وٺو ته توهان تڪڙي اپائنٽمينٽ وارين گهُرجن تي پورو لهو ٿا يا نه. توهان ان ئي ويب صفحي تي تڪڙي اپائنٽمينٽ لاءِ درخواست ڏئي سگهو ٿا.
نان اميگرنٽ ويزا بابت سوال
عام ويزا بابت معلومات ۽ گهربل شيون: http://travel.state.gov،
پاڪستان ۾ ويزا درخواست بابت معلومات ۽ طريقيڪار: http://www.ustraveldocs.com/pk
اي ميل: support-pakistan@ustraveldocs.com
ٽيليفون: (+92) (21) 111-234-111
مٿي ڄاڻايل فون نمبر تي موجود ويزا معلوماتي سروس ڪال سينٽر ڪنهن به درخواست جي قبوليت يا نامنظوري بابت فون تي نٿو ٻڌائي سگهي. جيڪڏهن توهان کي ڪنهن به رهيل درخواست بابت معلومات کپي ته مهرباني ڪري پنهنجو سوال اي ميل ذريعي اُماڻيو. مهرباني ڪري سموري معلومات جو ڌيان سان مڪمل طور جائزو وٺو. جيڪڏهن توهان جي سوال جو جواب مٿي ڄاڻايل ويبسائٽن تي ڏنل معلومات مان ئي ملي سگهي ٿو ته توهان کي اي ميل جو جواب نه ڏنو ويندو تنهنڪري مهرباني ڪري سموري شايع ڪيل معلومات کي غور سان پڙهو.